26 اربع , سيپٽمبر 2018

صوماليا ۾ صدارتي محل جي ٻاهران 2 بم ڌماڪا، 10 ڄڻا مارجي ويا

Outside the presidential palace in Somalia, 2 bombs were killed, 10 others were killedموغاديشو/انقره(ويب ڊيسڪ) صوماليا جي گادي واري شهر ۾ صدارتي محل ڀرسان ٿيندڙ ڪار بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا جڏهن 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. موغاديشو ۾ صدارتي محل جي ڀرسان ٿيندڙ ڪار بم ڌماڪي ۽ هڪ ويجهي پوليس اسٽيشن تي ٿيندڙ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا جڏهن 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پهريون بم ڌماڪو صدارتي محل جي ٻاهران جڏهن ٻيو ڌماڪو ان جي بلڪل سامهون ٿيو. ان دوران حملو ڪندڙن ۽ سيڪيورٽي دستن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. هوڏانهن دهشتگرد تنظيم الشباب ان حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي، ٻئي  پاسي ترڪي جي گهرو وزارت پنهنجي بيان ۾ موغاديشو جي گادي واري شهر ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ مارجي ويل جي تعزيت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي خلاف جدوجهد ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ ترڪي سدائين صوماليا سان گڏ بيٺل رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ۾ ”سالياني عام بحث“ جي شروعات

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي واري اجلاس ۾ اڄ کان”سالياني عام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے