19 اربع , سيپٽمبر 2018

راجو هيراڻيءَ کي  فلم ”سنجو“ جي ڪاميابي خوش ڪري ڇڏيو

Raju hirani successfully released the success of the movie "Sanju"ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي باصلاحيت هدايتڪار راجڪمار هيراڻي پنهنجي فلم” سنجو“ جي ڪاميابي تمام گهڻو خوش آهي، ۽ مداحن جا ٿورا مڃيندي نٿو ٿڪجي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب راجڪمار هيراڻي جي هدايت ۾ سنجي دت جي حياتي تي ٺاهيل فلم ”سنجو“ ريليز  جي پهرين ڏينهن ريڪارڊ ٽوڙ بزنس ڪيو ۽ فلم ريليز جي هڪ هفتي بعد به سٺو بزنس ڪري رهي آهي. فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار رنبير ڪپور جي ادڪاري جي مداحن طرفان تمام گهڻي تعريف ڪئي پئي وڃي ۽ سندس لاءِ ان فلم کي ڪيرئير جي بهترين فلم پڻ قرار ڏنو پيو وڃي. مداحن سان گڏ فلم جي هدايتڪار راجڪمار هيراڻي پنهنجي فلم تي تبصرو ڪندي چيو ته هو مداحن طرفان فلم کي تمام گهڻو پسند ڪرڻ تي خوش آهي، اسان سڀ تمام گهڻو نروس هئاسين، جيئن ڪو امتحان ڏيڻ وڃي رهيا هجون، پر مداحن جي طرفان سٺي ردعمل تمام گهڻو خوش ڪيو. هڪ هدايتڪار فلم ٺاهي ۽ محنت ڪري اها اميد ڪري سگهي ٿو ته فلم کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو ۽ فلم ”سنجو“ کي واقعي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو جنهن تي تمام گهڻي خوشي آهي. ياد رهي ته فلم”سنجو“ رڳو 7 ڏينهن ۾ 200 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري فلمي پنڊتن کي حيران ڪري ڇڏيو جڏهن ته فلم عامر خان جي ٿري ايڊيٽس جي ٽوٽل بزنس سميت ڪيترائي ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ اها فلم 200 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿيندڙ رنبير ڪپور جي واحد فلم پڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

It has come to time that all the powers of the world should be given to women: Nawazuddin Siddiqui

وقت اچي ويو آهي ته دنيا جا سمورا اختيار عورتن حوالي ڪيا وڃن: نواز الدين صديقي

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪار نواز الدين صديقي چيو آهي ته دنيا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے