25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڳڙهي خيرو: بيگاري ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

Garhi Khairo: Protest against water shortage in begari canal by residents*ڳڙهي خيري ۾ بيگاري ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن، سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران احتجاج ڪيو ويو .

آبادگارن ، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاڻي جي کوٽ خلاف غلام حسين بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بيگاري پل اڳيان ڌرڻو هنيو .

ان موقعي تي آبادگارن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سندن زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ۽ چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي .

آبادگارن چيو ته  نگران حڪومت پاران پاڻي جي چوري کي روڪڻ جي دعوائن باجود ساڳي صورتحال آهي .

هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Daharki

نيوز | ڏھرڪي: موٽر وي پوليس پاران نيشنل هاءِ وي ۽ باءِ پاسز تي وڻ پوکيا ويا

ڏھرڪي ۾ موٽر وي پوليس پاران نيشنل هاءِ وي ۽ باءِ پاسز تي ڇهه سئو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے