25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪينڊين پاپ اسٽار جسٽن بيبر ماڊل هيلي بالڊ وين سان مڱڻي ڪري ڇڏي

Singer Justin Bieber engaged to model Hailey Baldwinاوٽاوا(شوبز نيوز) ڪينيڊا جي پاپ اسٽار جسٽن بيبر آمريڪي ماڊل هيلي بالڊ وين سان ”منڱڻي“ ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ جسٽن بيبر جي منڱڻي جي تصديق ڪئي وئي آهي. نيوز ويب سائٽ ٽي ايم زي موجب 24 ورهين جي پاپ اسٽار بهاماس ريزورٽ ۾ 21 ورهين هيلي بالڊون کي پروپوز ڪيو ۽ ان موقعي تي ان جي سيڪيورٽي اسٽاف ريسٽورنٽ جي اسٽاف کي پنهنجا موبائل فون بند رکڻ جو چيو. جيتوڻيڪ جسٽن بيبر ۽ هيلي بالڊون جي طرفان اهڙي ڪنهن خبر جي باقائدا تصديق ناهي ڪئي وئي پر بيبر جا والدين پٽ جي خوشي آن لائن ملهائي رهيا آهن. راڳي جي پيءُ جيريمي پنهنجي پٽ جي تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪئي ان گڏ لکيو ته مان هڪ نئين باب لاءِ پرجوش آهيان. هوڏانهن جسٽن بيبر جي امڙ پڻ ٽوئيٽر تي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪيو. جسٽن بيبر جي مڱيندي بالڊون ٽي وي کانسواءِ ڪيترن ئي شو، ميوزڪ ويڊيو ۽ ماڊلنگ ڪمپنيز لاءِ ڪم ڪيو آهي. بيبر ۽ بالڊون ماضي ۾ به گڏ رهيا آهن. ياد رهي ته جسٽن بيبر جا کان اڳ اداڪارا ۽ ڳائڻي سلينا گومز سان به تعلقات رهي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٺگس آف هندوستان ۾ عامر خان فرنگي ملاح جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي وڏي فلم” ٺگس آف هندوستان“ جو سڀني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے