20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪوڙين خبرن جي خاتمي لاءِ واٽس ايپ پاران  نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

The decision to introduce new feature by Wats app to eliminate news storiesڪراچي(ويب ڊيسڪ) دنيا جي مشهور ترين ميسيجنگ ايپليڪيشن واٽس ايپ افواهن ۽ ڪوڙين خبرن جي خاتمي لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي آزمائش شروع ڪئي وئي آهي. واٽس ايپ بيٽا انفو جي هڪ رپورٽ موجب ”Link Detection Suspicious“ نالي اهو فيچر واهپيدارن کي گروپ ۾ فاروڊ ڪيل ڪنهن به ڪوڙي خبر کان خبردار ڪندو. رپورٽ موجب جڏهن به ڪنهن واهپيدار کي واٽس ايپ تي ڪنهن ويب سائٽ جو لنڪ موڪليو ويندو ته ايپليڪيشن پاڻمرادو ان لنڪ جي بيڪ گرائونڊ کي چيڪ ڪندي ۽ ڪجهه شڪي محسوس ٿيڻ تي واهپيدار کي الرٽ ڪندي. جنهن بعد اهڙي ميسج تي هڪ ڳاڙهي ليبل جو اضافو ڪيو ويندو جيڪو ان جي شڪي هئڻ ڏانهن اشارو ڪندو. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اهو فيچر ويجهي مستبقل ۾ تمام جلد سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جا امڪان آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليڪس ڪمپني پاران ڊيجيٽل سائيڊ مرر واري پهرين ڪار متعارف ڪرائڻ جو اعلان

جاپان ( ويب ڊيسڪ ) جيتوڻيڪ ڪارن جي پاسن ۾ لڳل منهن ڏيکاريندڙ آئينن( بيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے