21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ٿائيلينڊ جي غار ۾ ڦاٿل چئن  ٻارن کي ٻاهر ڪڍيو ويو

Twenty-five children were abducted in Thailand's caveبئنڪاڪ(ويب ڊيسڪ) ٿائيلينڊ جي غار ۾ ڦاٿل فٽبال ٽيم جي 12 ڄڻن  مان چئن کي صيحيح سلامت ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. ٿائيلينڊ جي صوبي چيانگ رائي جي علائقي جي مشهور غارن جي سلسلي ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان فٽبال ٽيم جا 12 رانديگر ۽ ڪوچ غار ۾ ڦاٿل آهن. ٻارن جي فٽبال ٽيم ڪوچ سان گڏ 23 جون تي غارن جي سير لاءِ وئي هئي پر اهي چوماسي برساتن سبب غار ۾ ڦاسي پيا، جڏهن ريسڪيو ادارن جي طرفان انهن جي ڳولا ڪرڻ بعد ٻارن کي صيحيح سلامت ڪڍڻ لاءِ  ڪيترن ئي ڏينهن کان آپريشن جاري آهي. ٿائي اخيتارين موجب غار ۾ ڦاٿل فٽبال ٽيم جي چئن ٻارن کي صيحيح سلامت ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، جن کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. غار ۾ اڃان به 8 ٻارڙا ۽ ڪوچ موجود آهن، جن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن سڀاڻي ٻيهر شروع ڪيو ويندو، جڏهن ٿائي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻارن کي ٿام لوانگ جي غار جي سوڙهي ۽ موتمار 4 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ڊگهي رستي کان ٻاهر ڪڍيو ويو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے