19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب نهايت شاهوڪار آهي: عبدالحئي پليجو

It is noteworthy that the culture and civilization of Sindh is: Abdul Hai Plijoسنڌ جي نامياري ليکڪ عبدالحئي پليجو چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب نهايت شاهوڪار آهي، اڄ به سنڌ ۾ شلوار قميص، ڏاند گاڏي ۽ مچ ڪچهرين جو رواج برقرار آهي.

ٺٽي ڀرسان مڪلي ۾ ليڪچر پروگرام ۾ خطاب ڪندي عبدالحئي پليجو چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان محبت ڪن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين رواج برقرار آهي.

هن چيو ته دنيا جي سڀ کان وڌيڪ قديم ۽ تهذيب يافته ٻولي سنڌ جي آهي، سنڌي ادب، شاعري ۽ ڪهاڻين جو لاڙو اڄ به برقرار آهي ۽ سنڌي اخبارن توڙي سنڌي چئنلن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي کي هٿي وٺرائي آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان کي دنيا جو حصو ٿيڻ لاءِ پنهنجا دروازا کولڻ گهرجن ۽ عالمي ثقافت کي به اهميت ڏيڻ گهرجي.

عبدالحئي پليجو وڌيڪ چيو ته يورپ سميت آسٽريليا ۽ نيوزيلنڊ توڙي ٻين دنيا جي ملڪن جو رُخ ڪندڙ ماڻهن جو بنيادي مقصد سون جي حاصلات رهيو آهي، پر سنڌ ۾ قديم زماني کان وٺي ماڻهو ڪاروبار لاءِ آيا……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

SobhoDero

نيوز | سوڀو ديرو: شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج

سوڀي ديري ۾ شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے