21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو غلام حيدر: زهريلو کاڌو کائڻ سبب 10 کان وڌيڪ ماڻهو بيهوش

Tando Ghulam Haider: More than 10 people are stubborn due to eating poisonous foodٽنڊي غلام حيدر ڀرسان هوٽل تي زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻن ٻارڙن سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهو بيهوش ٿي ويا.

تلهار جي مال پڙي ۾ هوٽل تي زهريلو کاڌو کائڻ سبب 5 ورهين جو نينگر ارباب، 8 ورهين جي نينگري زينب، نوجوان طالب، علي نواز ۽ محمد امين سميت 10 کان وڌيڪ بيهوش ٿي ويا.

بيهوش ٿيلن کي ويجهي واري اسپتال آندو ويو، جتي مير علي نواز ٽالپر جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس حيدرآباد نيو ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته بيهوش ٿيندڙ مال جي  واپارين نور محمد سولنگي جي هوٽل تي ڪڪڙ جو ٻوڙ کاڌو، دير بعد هو بيهوش ٿي ويا.

هوڏانهن هوش ۾ آيل شفيع محمد جو چوڻ هو ته رات وقت هوٽل تي ماني کائڻ بعد هو بيهوش ٿي ويا، سندن پيسا ۽ سڃاڻپ ڪارڊ به ڪڍي ويا آهن، جنهن ۾ هوٽل مالڪ ملوث آهي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | کپرو: گند ڪچري مان لڳل  باھ  دڪان  کي وڪوڙي وئي

کپري ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم ويجهو  گند ڪچري مان لڳل  باھ  دڪان  کي وڪوڙي وئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے