20 خميس , سيپٽمبر 2018

ايندڙ نسلن لاءِ مون تي هڪ ڀيرو يقين ڪيو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جيڪو ڪجهه ڪراچي سان ٿي چڪو، ان کان وڌيڪ ڇا ٿيندو، اسان مظلومن ۽ ڪمزورن جو آواز بڻجڻ چاهيون ٿا، خير جو ڪم ڪرڻو آهي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته منهنجي پارٽي ۾ سٺي ڪردار وارا ماڻهو آهن، ڪراچي وارئو، ايندڙ نسلن لاءِ مون تي هڪ ڀيرو يقين ڪيو. هن چيو ته مان اختيار نه هجڻ جو پٽڻو نه پٽيندس، 25 جولاءِ کانپوءِ ڀائرن کي ڀائرن سان ملائڻ وارو دور هوندو، 25 جولاءِ تي انتظار ناهي ڪرڻو، هاڻ ئي توهان سڀ محنت شروع ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته ڪارڪنن جو جوش ڏسي لڳي ٿو ته اسان جي فتح ٿي وئي آهي، توهان مون لاءِ نه پر غريبن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے