22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪوٽڙي: رٽائرڊ جسٽس امير ھاني مسلم پاران مختلف فلٽر پلانٽن جا  دورا

Kotri: Retired Justice Amir Hani Muslim visits to various filter plantsڪوٽڙي ۾ پاڻي ڪميشن سربراهه رٽائرڊ جسٽس امير  ھاني مسلم مختلف فلٽر پلانٽن جو  دورا ڪري ضلعي انتظاميه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

امير هاني مسلم مختلف علائقن جي واٽر پمپ ۽ واٽر ٽينڪس جا دورا ڪيا، جنهن دوران مقامي ماڻهن پاڻي ڪميشن سربراهه آڏو شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا.

پاڻي ڪميشن سربراهه جي دوري دوران ڊي سي آفيس آڏو شهرين پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو.

پاڻي ڪميشن سربراهه آڏو مقامي ماڻهن دانهيو ته ڪيترن ئي احتجاجن باوجود ڊگهي وقت کان پاڻي نٿو ملي، جنهن ڪري هو پاڻي پيسن عيوض خريد ڪن ٿا.

هنن چيو ته پاڻي نه هجڻ سبب هو سخت پريشانين جو شڪار آهن، پر ضلعي انتظاميه سميت ڪو به عملدار نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

شهرين جون شڪايتون ٻڌڻ بعد پاڻي ڪميشن جي سربراهه جسٽس امير هاني مسلم ضلعي انتظاميه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي شهرين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ هدايتون ڪيون………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے