26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيب ڪيپٽن (ر) صفدر کي گرفتار ڪري ورتو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر کي راولپنڊي مان گرفتار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب محبوب عالم ۽ عدنان بٽ تي ٻڌل نيب جي ٻه رڪني ٽيم ڪيپٽن (ر) صفدر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ نفري گهرائي وئي آهي. صورتحال کي ضابطي هيٺ رکڻ لاءِ هڪ بڪتربند گاڏي به گهرائي وئي آهي، جڏهن ته ڪيپٽن (ر) صفدر جو طبي معائنو به ڪرايو ويندو. ان کان اڳ ڪيپٽن (ر) صفدر گرفتاري ڏيڻ لاءِ ن ليگ جي راولپنڊي ۾ ڪڍيل ريلي ۾ پهتو. هن آڊيو بيان ۾ اعلان ڪيو هو ته مان اڄ نيب کي پنهنجي گرفتاري پيش ڪندس پر هن هنڌ نه ٻڌايو ۽ اوچتو ن ليگ جي ريلي ۾ پهتو. واضح رهي ته احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ڪيپٽن (ر) صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته ساڳي ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 10 سال ۽ مريم نواز کي 7 سال قيد جو حڪم ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے