27 جمعہ , اپریل 2018

نوجوان تحقيق لڪائيندا آهن، مان ڇپائڻ جي آڇ ڪيان ٿو : پروگرام تخليق

نوجوان تحقيق لڪائيندا آهن، مان ڇپائڻ جي آڇ ڪيان ٿو: ذوالفقار سيال
پي ايڇ ڊي لاءِ مير علي نواز ناز جي شاعري ۽ شخصيت تي تحقيق ڪئي
باليءِ بابت مواد ملڻ ۾ وڏي تڪليف ٿي، سنڌي شاعري جي سفر تي به تحقيق ڪئي
ادبي سنگت تي تنقيد ته سڀ ڪن ٿا پر اديب 5 رپيا سالياني في به ادا نٿا ڪن
شاعر طور 500 گانا ٽي وي ۽ ريڊيو تي رڪارڊ ٿيا، تخليق ۾ اظهار
ڪراچي (ٽي وي نيوز) ناليواري سينئر اديب، شاعر، سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي اڳوڻي سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال چيو آهي ته اڄ جا نوجوان جيڪا تحقيق ڪن ٿا سا لڪائيندا وتن ٿا، پر مون مير علي نواز ناز جي شاعري ۽ شخصيت تي جيڪا تحقيق ڪئي آهي تنهن کي ڇپائڻ جي آڇ ڪيان ٿو، اهڙو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي هفتيوار ادبي پروگرام تخليق ۾ ميزبان زرار پيرزادي سان ڳالهائيندي ڪيو، تحقيق جي حوالي سان ڳالهائيندي ذوالفقار سيال چيو ته هونئن ته مون ” سنڌي شاعري جو سفر“ تي به تحقيق ڪئي آهي جنهن ۾ منڍ کان آخر تائين سنڌي شاعرن ۽ انهن جي مختلف دورن کي قلمبند ڪيو آهي، جنهن ۾ خواجه فريد جي سنڌي شاعري به شامل آهي، سو مون جڏهن پي ايڇ ڊي لاءِ اپلاءِ پئي ڪيو ته يونيورسٽي وارن چيو ته تحقيق ته اوهان جي ڪيل آهي، بس ان کي پي ايڇ ڊي لاءِ استعمال ڪيو پر مون نئون موضوع کنيو ۽ اهو مير علي نواز ناز تي آهي. هن چيو ته اها تحقيق ڪندي مان تڏهن حيران ٿيس ته بالي جيڪا مير علي نواز ناز جي زندگي جو اهم حصو هئي تنهن تي هڪ به سنڌي ۾ لکيل ڪو مضمون نه مليو سو بالي بابت مواد حاصل ڪرڻ ۾ وڏي محنت ڪرڻي پئي. هڪ سوال جي جواب ۾ ذوالفقار سيال چيو ته موجوده حالتن ۾ سنڌي ادبي سنگت جو هجڻ ثابت ٿو ڪري ته اها زنده آهي، هن چيوته اديب سنڌي ادبي سنگت تي تنقيد ته ڪن ٿا پر اديب ميمبر سالياني في 5 رپيا به ادا ناهن ڪندا. في جمع نه ڪندا ته مالي طور سنگت پنهنجن پيرن تي ڪئين بيهندي، ذوالفقار سيال پنهنجي سيڪريٽري واري دور کي ياد ڪندي چيو ته مون سنگت کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي به پکيڙيو، هڪ سوال جي جواب ۾ذوالفقار سيال چيو ته پي ٽي وي تي 73 کان ڪم ڪري رهيو آهيان، مان خوشنصيب شاعر آهيان جنهن جا لڳ ڀڳ 500 ڪلام ٽي وي ۽ ريڊيو تي رڪارد ٿيا آهن ۽ مهدي حسن ، مهناز، عالمگير وغيره منهنجي شاعري کي ڳاتو آهي. هن چيو ته مهدي حسن کان مون ئي سنڌيءَ ۾ ڳارايو ۽ پي ٽي وي ڪراچيءَ تي آندو. هن چيو ته تعمير حسين ۽ شبنم مجيد سميت ڪيترن ئي فنڪارن کي مون پي ٽي وي تي متعارف ڪرايو. هڪ سوال جي جواب ۾ ذوالفقار سيال چيو ته مان موجوده سنڌي ادب کي طاقتور ادب سمجهان ٿو، اصل ۾ سينيئر اديب نوجوانن کي پڙهڻ بنا ئي راءِ ڏئي ڇڏين ٿا، جيڪو عمل درست ناهي. ذوالفقار سيال پنهنجا غزل ٻڌائي پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : اڳڙا: بااثر پاران ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي پيرسن جو ڪارو منهن ڪري تذليل

اڳڙا ڀرسان بااثر وڏيري ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي پيرسن کي ڪارو منهن ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے