19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٺٺو: مڪلي جي قبرستان جي زمين ڄاڻائي ٽن ڳوٺن کي امڪاني طور  ڊاهڻ خلاف احتجاج

ٺٽي ويجهو مڪلي جي قبرستان جي زمين ڄاڻائي ٽن ڳوٺن کي امڪاني طور  ڊاهڻ خلاف احتجاج ، ثقافت کاتي جي نگران صوبائي وزير پاران ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڳوٺاڻن کي متبادل پلاٽ ڏيڻ جي اڇ ڪئي وئي .

ڳوٺ شاھو خان مگسي، ڪارو شيدي، محمد خاصخيلي جي رهواسين  کي امڪاني طور  بي دخل ڪري ڳوٺ ڊاھڻ واري سياحت ۽ ثقافت کاتي جي فيصلي خلاف ڳوٺاڻن رشيد منگسي،نواز منگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته هو ڪيترن ئي ورهين کان هنن ڳوٺن ۾ آباد آهن پر ثقافت کاتو کين بنا ڪنهن سبب جي گهرن کان بي دخل ڪري رهيو آهي

ٻئي طرف صوبائي وزير جنيد احمد شاھ شيدي ڳوٺ پهچي ، ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪيون .

صوبائي وزير پاران ڳوٺاڻن کي  متبادل پلاٽ فراهم ڪرڻ ۽ مڪلي جي قديم قبرستان وارو حصو خالي ڪرائڻ لاءِ بابت ڳالهيون ڪيون

ياد رهي ته عالمي اداري يونيسيڪو پاران سياحت کاتي کي مڪلي جي تاريخي قبرستان جي علائقي ۾ ٿيل سمورا قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ 2 ڀيرا وارننگ مليل آهي،

قبضا خالي نه ٿيڻ ۽ قديم آثارن کي محفوظ بنائڻ لاءِ يونيسيڪو پاران فراهم ڪيل فنڊن مان  بائونڊري وال نه ڏيارڻ جي صورت ۾ عالمي اداري مڪلي  جي قبرستان کي عالمي ورثي جي لسٽ مان خارج ڪرڻ جو چتاءُ  پڻ ڏيئي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے