24 سومر , سيپٽمبر 2018

ڪوڪ اسٽوڊيو ايڪسپلورر ۾ ”سُرنار “ موسيقي

In "coke studio Explorer" music "Surnar"ڪراچي(شوبز نيوز) ڪوڪ اسٽوڊيو ايڪسپلورر پاڪستان جي هر علائقي مان مٺي ۽ خوبصورت آواز جي ڳولا ۾ آهي ۽ هاڻ چترال ۽ سنڌ بعد بلوچستان جي ” سُر نار “ موسيقي کي ڳولهيو ويو آهي. ڪوڪ اسٽوڊيو پنهنجو ٽيون گيت”نصيبايا“ بلوچستان جي شهر صحبت پور مان ريليز ڪيو آهي جنهن ۾ نار سر موسيقي کي جديد اليڪٽرانڪ سائونڊن ۾ پيش ڪيو ويو آهي.  نارسُر موسيقي بلوچستان جي ثقافت جو اهم رنگ آهي جنهن ۾ فنڪار هڪ ئي وقت بانسري وڄائيندي رقص ڪندا آهن. ان گيت کي اڱاري ڏينهن ناليواري راڳي ڳايو آهي جنهن ۾ هن جا ساٿي دريهان ۽ شايان هئا جيڪي دمبورو وڄائي رهيا هئا.دمبورو بلوچي ۽ افغاني موسيقي جو روايتي ساز آهي جيڪو نصيبايا گيت کي منفرد بڻائيندو آهي. ياد رهي ته ڪوڪ اسٽوڊيو جي نون پروڊيوسر زوهيب قاضي ۽ علي حمزا جو اهم مقصد پاڪستان جي موسيقي جي ڪهاڻيون پيش ڪرڻ آهي. ٻنهي ڄڻن شروعات پاڪستان جي خوبصورت ضلعي چترال جي وادي ڪيلاش کان ڪئي هئي، جتي ٻارن آريانا ۽ آمرينا گيت”پاريڪ“ يعني ”چلو“ ڳايو هو. جنهن بعد هنن سنڌ جي چونڊ ڪئي ۽ ٻيو گيت” فقيرا“ ريليز ڪيو جيڪو سنڌ سان تعلق رکندڙ ٻن ڀيڻ ڀائرن وشون ۽ شمبوٻائي ڳايو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے