22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيو |نوابشاهه: ڳوٺاڻي جو پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏجي بااثرن جي تشدد خلاف احتجاج

نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻي  پنهنجي زال ۽   ٻارن سان گڏجي بااثرن پاران تشدد ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو .

علي مردان زرداري پنهنجي زال  لطيفان، پٽ الله بخش ۽ نياڻي بختاور سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته هو ڳوٺ الهه ڏنو زرداري جا رهواسي آهن

هن ٻڌايو ته هن پنهنجي دڪان تي جي ڊي جي اميدوار آصف شاهه جا پوسٽر هنيا جيڪي بااثرن سليم زرداري، ٻاجهي ۽ غلام رسول  کيس ۽ سندس ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو .

هن ٻڌايو ته ووٽ سڀ ڪو پنهنجي مرضي سان ڏيندو، زبردستي ۽ تشدد جي ذريعي ووٽ نه ڏينداسين

هن چيو ته اڳي پ پ ۾ هئاسين پر پ پ وارن  هنن  جي ڪا به پر گهور نه لڌي انهي ڪري هو  جي ڊي اي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيندا.

هن ٻڌايو ته پوليس کي اطلاع ڏنو پر ان ڪو به تحرڪ نه ورتو ، هن مطالبو ڪيو آهي ته کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے