21 جمعو , سيپٽمبر 2018

فيصل آباد ۾ ڪنٽينر جو گاڏيءَ کي ٽڪر، 3 ڄڻا فوت

فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيصل آباد ۾ ايڪسپريس وي گٽ والا ويجهو روڊ حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. فيصل آباد ۾ ايڪسپريس وي تي ڪنٽينر گاڏيءَ کي چيڀاٽيندي واهه ۾ وڃي ڪريوجنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. حادثي ۾ ڪيري دٻي جو ڊرائيور ۽ ڪنٽينر جي ڪيبن ۾ ويٺل 2 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ  ريسڪيو 1122 امدادي ڪاررواين دوران ڪنٽينر کي واهه مان ڪڍيو ۽ زخمي ٿيل ٻن ماڻهن کي طبي امداد لاءِ فوري طور اسپتال منتقل ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے