20 خميس , سيپٽمبر 2018

ٽه ملڪي سريز فائنل: آسٽريليا جي 184 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان جي بيٽنگ جاري

The third match final: Australia's target of 184 runs to win Pakistanهراري(اسپورٽس نيوز) ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ سريز جي فائنل مقابلي ۾ آسٽريليا پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 184 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. هراري اسپورٽس ڪلب ۾ جاري ميچ ۾ ڪينگروز ڪپتان ايرون فنچ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ڪپتان سان گڏ آر سي ڊي شارٽ اننگز جي شروعات ڪئي. ٻنهي بيٽسمينن شروع ۾ ئي جارحاڻو انداز اختيار ڪيو ۽ گرائونڊ چئني پاسي زبردست اسٽروڪ کيڏيا. گرين شرٽس جي طرفان خراب فيلڊنگ سبب ٻنهي اوپنرن جا آسان ڪئچ ڊراپ ڪيا ويا، راند جي شروعاتي اورن ۾ شعيب ملڪ آسٽريلوي ڪپتان جو ڪئچ ڊراپ ڪيو، اهڙي طرح آصف علي سلپ ۾ آرسي ڊي شارٽ جو آسان ڪئچ وٺڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو. ڪينگروز طرفان گڏيل طور تي اسڪور95 رنسن تائين پهتو ته فنچ 3 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 27 بالن تي 47 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، کيس شاداب خان پولين جي راهه ڏيکاري. ياد رهي ته سيريز ۾ ٻئي ٽيمون ٻه ڀيرا هڪٻئي سامهون ٿيون، جن مان پهرين ميچ ڪينگروز ۽ ٻي ميچ گرين شرٽس کٽي، جڏهن ته ٻئي ٽيمون زمبابوي خلاف کيڏيل ٻنهي ميچن ۾ ڪاميابيون ماڻي چڪيون آهن. ميزبان زمبابوي جي ٽيم سيريز ۾ چارئي ميچون هارائي ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان ۽ آسٽريليا اڄ ٽائيٽل ماڻڻ لاءِ جنگ ٿيندي. قومي ٽيم شروعاتي ٻن ميچن ۾ خراب ڪارڪردگي کانپوءِ محمد حفيظ جي جاءِ تي حارث سهيل کان اوپننگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو پر اهو به متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن کانپوءِ هاڻ نوجوان بيٽسمين صاحبزادا فرحان کان ڊيبيو ڪرائڻ جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Swordswriter Zulton Abraham completed 500 goals

سوئيڊش اسٽرائيڪر زلاٽن ابراهمووچ 500 گول مڪمل ڪري ورتا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) سوئيڊش اسٽرائيڪر لاٽن ابراهمووچ ڪيريئر ۾ 500 گول مڪمل ڪري ورتا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے