20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز |ناليواري سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي جي اڄ ٻئين ورسي ملهائي پئي وڃي

* ناليواري سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي جي اڄ  ٻئين ورسي ملهائي پئي وڃي .

عبدالستار ايڌي دنيا جي سڀ کان وڏي رضاڪارانه ايمبولينس سروس قائم ڪئي ۽ مسڪين توڙي بي سهارا ماڻهن جي خدمت ڪئي.

قدرتي آفتن وقت سڀ کان  اڳ خدا جي خلق جي مدد لاءِ پهچندڙ عبدالستار ايڌي ٻه ورهيه اڳ اڄوڪي ڏهاڙي تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو  ڪري ويو هو .

عبدالستار ايڌي 1928 ع ڌاري ڀارت جي رياست گجرات جي باٽنوا ۾ پيدا ٿيو ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد 1947 ع ڌاري  پنهنجي ڪٽنب سان گڏجي پاڪستان آيو .

عبدالستار پنهنجي زندگي جا 65 سال ڏکايل انسانن جي خدمت ڪندي گذاريا هن فلاحي ڪمن جي شروعات 1951 ع۾ هڪ ڊسپينسري کان ڪئي .

محنت ۽ خدمت جي جذبي سان شرسار  هجڻ ڪري سندس اداري جو شمار دنيا جي بي مثال فلاحي ادارن ۾ ٿيڻ لڳو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے