21 جمعو , سيپٽمبر 2018

عوام جَي رت چوسڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي

سپريم ڪورٽ طرفان پيٽروليم اسمن جي قيمتن بابت پاڻ مرادي ورتل نوٽيس جي ٻڌڻي دوران انڪشاف ٿيو آهي ته پيٽروليم جي شين تي 50 سيڪڙو کان به وڌيڪ ٽيڪس عوام کان ورتو وڃي ٿو ۽ صرف جولاءِ مهيني ۾ ان ڏس ۾ عوام کي 70 ارب رپين جو ٽيڪس برداشت ڪرڻو پوندو.

ٻڌڻيءَ دوران سپريم ڪورٽ ۾ پيٽروليم اگهن بابت پاڪستان اسٽيٽ آئل طرفان لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته پيٽرول تي 37 روپيا 63 پئسا، ڊيزل تي 28 رپيا 23 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 52 رپيا 24 پئسا، گاسليٽ تي 22 رپيا 93 رپيا في ليٽر ٽيڪس ورتو پيو وڃي، جڏهن ته پيٽرول تي 17 رپيا 46 پئسا، ڊيزل تي 28 رپيا 23 پئسا، گاسليٽ تي 12 رپيا 74 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل تي 11 رپيا 76 پئسا في ليٽر جنرل سيلز ٽيڪس به اڳاڙيو ٿو وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ جرمني ۽ ڀارت کان گهٽ ٽيڪس پيٽروليم شين تي ورتو پيو وڃي. جنهن تي چيف جسٽس کانئس سوال ڪيو ته ڇا پاڪستان ۾ عوام کي جرمنيءَ جهڙيون سهولتون به مليل آهن؟. عدالت موبائل فونن تي 15 ڏينهن ٽيڪس نه اوڳاڙڻ واري حڪمن جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ موبائل ڪمپنين طرفان وري ٽيڪس جون اوڳاڙيون ڪرڻ تي به نوٽيس وٺندي حڪم ڪيو ته في الحال ڪارڊ جي ريچارج تي 100 رپئي جو بيلنس ئي صارفين کي ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو وڃي.

ٽيڪس ڪنهن به شهر صوبي يا ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ جو هڪ اهڙو نظام هجي ٿو، جنهن تحت ماڻهن کان مختلف مد ۾ ٽيڪس اوڳاڙي انهن کي ان اوڳاڙيءَ جي تناسب سان سهولتون به ميسر ڪيون وڃن ٿيون. ٽيڪس جا هڪڙا جائز طريقيڪار به ٿيندا آهن، پاڪستان ۾ به قانون موجب ٽيڪس جي ادائگي هر شهريءَ تي يا هر آمدنيءَ واري ماڻهو تي واجب آهي پر اهو ٽيڪس جيڪي به ماڻهو ڏين ٿا، جيترا به ماڻهو ڏين ٿا ۽ ان اوڳاڙيءَ جي صورت ۾ جيڪي به پئسا گڏ ٿين ٿا تن جي مٿين کان هيٺين سطح تائين ورڇ توڙي اهو ناڻو وفاق کان صوبن ۽ صوبن کان شهرن تائين ورڇ کان پوءِ ان جي استعمال جو نظام ئي ڊانواڊول هجي ٿو.

پيٽرول جي شين تي جيڪو ٽيڪس شهرن کان اوڳاڙي وڃي ٿو ان حساب سان ته پاڪستان جي ماڻهن کي آرائشي سفري سهولتون ميسر هجڻ کپن پر هتي ته گنگا ئي ابتي وهي ٿي، سفري سهولتون ته پنهنجي جاءِ تي ماڻهن کي پنڌ هلڻ لاءِ به ڪي سٺا پيچرا ميسر نه ٿا هجن.

ٻهراڙيون ته ڇڏيو ڪراچيءَ جهڙي ميٽروپوليٽن شهر ۾ ئي شهري بهترين سفري سهولتن ۽ ٽرانسپورٽ کان محروم آهن. نه رڳو ايترو پر جيڪي موبائل ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڪم ڪن ٿيون تن مان به سواءِ هڪ اڌ جي باقين جي نيٽ ورڪ جو ڪم ئي پورو آهي. ٽيڪس جي اوڳاڙي ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ ضروري آهي پر اهو ٽيڪس جڏهن اوڳاڙي ڪندڙ ادارن ۽ انهن جي سربراهن ۽ حڪومتي ڪاروهنوار هلائيندڙ جي ڀڀن حوالي ٿي وڃي، ڪرپشن جي نظر ٿي وڃي ته پوءِ انهن ملڪن ۾ عوام ايئن ئي ٽيڪس ڏيڻ کان ڪترائيندو آهي جيئن اسان جي ملڪ ۾ لنوائي رهيو آهي.ٽيڪس نيٽ ۾ وڌ ۾ وڌ ماڻهن يا آمدنيءَ وارن طبقن جي نه اچڻ جو سبب به اهو ئي آهي ته کين خبر آهي ته هو ٽيڪس ته ادا ڪندا پر اهو ٽيڪس عوام جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ٿيڻ بدران مخصوص طبقي جي عياشين جي نظر ٿي ويندو تنهن ڪري ئي ٽيڪس نظام ۾ بهتري وارا سڀئي قدم ۽ اپاءَ اڄ تائين ڪامياب ٿي نه سگهيا آهن.

پيٽروليم شين جي قيمتن سان عام واهپي جي شين جون قيمتون سلهاڙيل هجن ٿيون، هاڻي فرض ڪيو ته پيٽرول جي اصل قيمت جيڪا 60 کان 65 رپيا ٿئي ٿي تنهن جي بدران عوام کان جڏهن 100 رپيا اوڳاڙيا وڃن يعني في ليٽر تي 35 کان 37 رپيا وڌيڪ اوڳاڙيا وڃن ته يقينن ان جو اثر عام واهپي جي شين تي به ٿيندو. چانورن، دالين، ڀاڄين کاڄرو تيل وغيره جا اگهه اڄ جيڪي عام ماڻهو ادا ڪري ٿو ته ٿي سگهي ٿو ته پيٽرول جون مناسب قيمتون هجڻ جي صورت ۾ عام واهپي جي شين تي به کين رليف ملي سگهي ٿو. سو چوڻ جو مطلب ته اهڙو مڪينزم جوڙڻ جي ضرورت آهي جنهن ذريعي عوام جي رڳن مان رت چوسڻ بدران ان کي صحت مند سماج، سهانگ، بهترين بنياد ڍانچو، شاندار ماحول، صحت ۽ تعليم جون بهترين سهولتون ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙي بنيادي سهولت مهيا ٿي سگهي. عوام جي رڳن مان رت ڪڍي هڪ طبقي جي آرائشي زندگيءَ تي خرچ ڪرڻ جو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي.

آچر 8 جولاءِ 2018ع، 23 شوال 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ – افغان لاڳاپا ۽ علائقي جو امن

افغانستان ۾ روس جي آمد بعد ۽ وري روس جي نيڪاليءَ بعد جيڪا جنگ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے