23 آچر , سيپٽمبر 2018

باباءِ خدمت عبدالستار ايڌي جي ٻي ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) باباءِ خدمت عبدالستار ايڌي جي ٻي ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. عبدالستار ايڌي دنيا جي سڀ کان وڏي رضاڪار ايمبولينس سروس جو بنياد وڌو، يتيمن جي پرورش ۽ لاوارثن جي سار سنڀال ڪئي. قدرتي آفتن ۽ حادثن ۾ فوري مدد لاءِ پهچندڙ باباءِ خدمت عبدالستار ايڌي ٻه ورهيه اڳ اڄوڪي ڏينهن تي هن فاني جهان ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. عبدالستار ايڌي 1928 ۾ ڀارتي رياست گجرات جي شهر بانٽوا ۾ پيدا ٿيو ۽ ورهاڱي بعد 1947 ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ پاڪستان آيو ۽ ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. عبدالستار ايڌي پنهنجي حياتي جي 65 ورهيه ڏکويل انسانن جي خدمت ڪندي گذاري جنهن جي شروعات هن 1951 ۾ هڪ ڊسپنسري قائم ڪرڻ سان ڪئي. اسپتال ۽ ايمبولينس خدمتن کانسواءِ ايڌي فائونڊيشن ڪلينڪ، ، نفسياتي مرڪز، معذورن لاءِ گهر، بلڊ بينڪ، يتيم خانا، لاوارث ٻارڙن جا مرڪز، پناهگاهون ۽ اسڪول کوليا. پاڪستان کانسواءِ ايڌي فائونڊيشن دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پڻ ضرورت مند انسانن جي خدمت جو ڪم سرانجام ڏيندي رهي آهي. 1980 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان حڪومت کيس نشان اميتاز سان نوازيو جڏهن ته پاڪ فوج کيس شيلڊ آف آنر جو اعزاز ڏنو ۽ 1992 ۾ سنڌ حڪومت کيس سوشل ورڪر آف سب ڪونٽيننيٽ جو اعزاز ڏنو. عالمي سطح تي 1986 ۾ عبدلستار ايڌي کي فلپائن رومن ميگسي ايوارڊ ۽ 1993 ۾ روٽري انٽرنيشنل فائونڊيشن طرفان کيس پائول هيرس فيلو ڏنو ويو. 8 جولائي 2016 تي باباءِ خدمت گردن جي بيماري سبب 88 ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.سندس خدمتن جي اعتراف ۾ کيس مڪمل سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پروٽوڪول خلاف شهري جو احتجاج: صدر پاڪستان ڪيس کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي پروٽوڪول خلاف احتجاج ڪندڙ شهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے