21 جمعو , سيپٽمبر 2018

انگلينڊ ٻي ٽي 20 ميچ ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي

ڪارڊف (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽوئنٽي ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ ڀارت کي شڪست ڏئي سيريز 1-1 سان برابر ڪري ڇڏي. ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ڪارڊف ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ ميزبان انگلش ٽيم ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 148 رنسون ٺاهيون. ڪپتان ورات ڪوهلي 47، ايم ايس ڌوني 32 ۽ سريش رائنا 27 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. ٻين رانديگرن ۾ هرديڪ پانڊيا 12، شيکر ڌون 10، لوڪيش راهول 6 ۽ روهت شرما 5 رنسون ٺاهيون. انگلينڊ طرفان ڊيوڊ ويلي، جيٽ بال، ليام پلنڪيٽ ۽ عادل رشيد هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ 5 وڪيٽن جي نقصان تي آخري اوور جي چوٿين بال تي ٽارگيٽ پورو ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪئي. ميزبان ٽيم طرفان ايليڪس هيلز ناٽ آئوٽ 58 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻين رانديگرن ۾ بيئر اسٽو 28، ڪپتان اين مورگن 17، جيسن راءِ 15 ۽ جوز بٽلر 14 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. ڀارت طرفان اميش يادو 2، جڏهن ته ڀينيشور ڪمار، هرديڪ پانڊيا ۽ چاهل هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. انگلينڊ 5 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ٽن ميچن جي سيريز 1-1 سان برابر ڪري ڇڏيو. هيلز کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے