20 خميس , سيپٽمبر 2018

زيڪا وائرس ظاهري علامتن کان سواءِ ئي عورتن جو حمل ضايع ڪري سگهي ٿو: نئين جاچ

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) هڪ تازي جاچ مان انڪشاف ٿيو آهي ته زيڪا وائرس بنا علامت ظاهر ڪرڻ جي اميد وارين عورتن تي حملي آور ٿي حمل ضايع ڪري ڇڏيندو اهي. سائنسي رسالي ”نيچر ميڊيسن“ ۾ شايع ٿيل هڪ جاچ مقالي ۾ سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته اميد وارين عورتن جي حمل ضايع ٿيڻ جي ڪري زيڪا وائرس جي موجودگي به آهي. ان کان وڌيڪ حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته اهڙين عورتن ۾ زيڪا وارئس جي حملي آور هئڻ جي علامت به ظاهر ناهي ٿيندي ۽ هنن کي اندازو ئي ناهي ٿي سگهندو ته ان نقصان جي توليدي نظام ۾ ڪا خرابي نه پر زيڪا وائرس آهي. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، ڊيوس سان سلهاڙيل طبي جاچ ڪندڙن سڄي آمريڪا جي مختلف اسپتالن ۾ اميد وارين عورتن جي حمل ضايع ٿيڻ جا انگ اکر جمع ڪيا جنهن مان انڪشاف ٿيو ته 26 سيڪڙو اميد وارين عورتن حو حمل زيڪا وائرس جي ڪري پهرين ٽئين مهيني ۾ ضايع ٿيو جڏهن ته زيڪا وائرس جو سبب بڻجندڙ بخار، مٿي سور ۽ ٻين علامتون ظاهر نه ٿيڻ جي ڪري انهن مائرن کي پنهنجي جسم ۾ زيڪا وائرس جي موجودگي جو علم به نٿو ٿي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے