20 خميس , سيپٽمبر 2018

” گڊ ڪوليسٽرول“ به دل جي بيماري جو سبب بڻجي سگهي ٿو: سائسندانن جو انڪشاف

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته صحت مند ڪوليسٽرول سمجهيو ويندڙ ” گڊ ڪوليسٽرول“ به دل جي دوري جو سبب بڻجي سگهي ٿو. سائنسي رسالي دي نيچر ۾ شايع ٿيل  مقالي ۾ سائنسدانن انڪشاف ڪيو ته انساني جسم ۾ موجود ڪوليسٽرول ايڇ ڊي ايل يعنيٰ (High Density Lipoprotein) کي جسم ۾ ان جي مثبت ڪارڪردگي جي ڪري صحت مند ڪوليسٽرول ( Good Cholesterol) به چيو ويندو آهي. پر هڪ نئين جاچ مان ثابت ٿيو آهي ته ايڇ ڊِ ايل به دل جي دوري جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جاپان ۾ 40 کان 89 سال جي ڄمار جي 43 هزار ماڻهن کي 12 سالن تائين هڪ جاچ جو حصو بڻايو ويو. جاچ مان ٿيل انگن اکرن مان ثابت ٿيو ته جن ماڻهن ۾ ايڇ ڊي ايل ڪوليسٽرول 90   mg/dl کان وڌيڪ آهي انهن ۾ دل جي بيماري سبب فوت ٿيڻ جو خطرو انهن ماڻهن کان اڍائي سيڪڙو وڌيڪ آهي جنهن جو ايڇ ڊي ايل 40 کان 59 mg/dl جي وچ ۾ هو. پر سائسندانن جو چوڻ آهي ته ان جاچ مان خبر پئي آهي ته ڪنهن به شئي جي زيادتي نقصان ڏيندڙ ٿي سگهي ٿي جيئن گڊ ڪولسيٽرول جي وڌندڙ مقدار به دل تي اثر انداز  ٿي پر ائين رڳو انهن مريضن کي ڏٺو ويو جيڪي ڪثرت سان شراب نوشي ڪندا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے