17 اڱارو , جولاءِ 2018

هاڻ اسمارٽ فون ۾ 9 ڪيميرائون هونديون؟

سان فرانسڪو(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي هڪ ڪيميرا بڻائيندڙن ڪمپني 9  ڪيميرائن وارو اسمارٽ فون بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪا جي ڪيميرا بڻائيندڙ ۽ ڊيجيٽل فوٽو گرافي ڪمپني ” لائٽ“ اعلان ڪيو آهي ته هو جلد ئي هڪ اهڙو اسمارٽ فون پيش ڪندي جنهن ۾ 9 ڪيميرائون ( ريئر ڪيميرائون) هوندون جنهن مان هڪ ئي وقت 5 کان 9 ڪيميرائن کي تصوير يا ويڊيو بڻائڻ ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته اها ڪميرا 64 ميگا پڪسل تائين بهترين تصوير وٺڻ جي صلاحيت تي ٻڌل هوندي جڏهن ته گهٽ روشني ۾ به بهترين نتيجا ڏيڻ جي قابل هوندي. ڪيميرائن سان سينگاريل اها ڊيوائس آءِ فون ايڪس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿلهو ناهي جڏهن ته هي اندرين پروسيسنگ ۽ خاص الگورٿم استعمال ڪندي مختلف تصويرن کي گڏ ڪري هڪ واضح ۽ انتهائي صاف سٿري تصوير جي شڪل ۾ گڏ ڪندو. ان اسمارٽ فون ۾ ان کان سواءِ به ڪيترائي جديد فيچرز موجود آهن پر جديد ڪيميرائن جي ڪري ان فون جي قيمت وڌيڪ هئڻ جو امڪان آهي. اهو اسمارٽ فون اڃا تياري جي مرحلي ۾ آهي. ان جي لانچنگ ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟ ان بابت ڪمپني ڪا به حتمي تاريخ ناهي ٻڌائي پر هلندڙ سال جي آخر تائين ان کي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جا امڪان آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ وزني ڊائنوسار جو ڍانچو هٿ

خبيونس آئرس (ويب ڊيسڪ) ارجنٽينا ۾ ڊائنوسار جو خلائي شٽل جيڏو وڏو ۽ سڀ کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے