25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف کي 3 هزار ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو جواب ڏيڻو پوندو: عمران خان

ELECTION IMPORTANT: Imran Khan will also visit various areas of Karachiگولڙه شريف ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هئڻ گهرجي، عوام جو پئسو عوام تي خرچ ڪندڙ ئي ليڊر هوندو آهي. اگولڙا شريف  ۾ علماءَ مشائخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته يتيمن ۽ غريبن جي ذميواري رياست جي هوندي آهي، اسان جا اڍائي ڪروڙ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن. هن چيو ته نواز شريف ٻارڙن جي نالي تي ملڪيتون ٺاهيون، جڏهن انسان مٿي ويندو آهي ته ڪم ظرف ٿي ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته 10 سالن ۾ قرض 6 هزار ارب کان 27 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي. عمران خان چيو ته حسن ۽ حسين نواز جي اڪائونٽ ۾ 300 ارب رپيه آهن،سڀني کي خبر آهي ته نواز شريف ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، سڀ سامهون اچي ويو ته لنڊن فليٽس جي خريد ڪيئن ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان کي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن ملڪ کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، احتساب عدالت مان طاقتور کي سزا ملي آهي. عمران خان چيو ته راجا ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ سامهون آڻي ختم نبوت جي شق ختم ڪرڻ جي سازش ڪندڙن کي سزا ڏني وڃي. هن چيو ته ملڪ کي مديني جي رياست جي طرز تي هلائڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي 3 هزار ڪروڙ رپين جو جواب ڏيڻو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے