20 خميس , سيپٽمبر 2018

پاڪستان به ڪرپٽ حڪمرانن کي سزا ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان به ڪرپٽ حڪمرانن کي سزا ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي.  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي سزا کانپوءِ پاڪستان به ڪرپٽ حڪمرانن کي سزا ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي. 20 سالن دوران سڀ کان وڌيڪ بدنامي يوگوسلاويه ۽ سربيا جي سلو بوڊون ملوزووچ جي ٿي. ٻن دورن دوران صدر رهندڙ ملوزووچ تي اربين ڊالرن جي ڪرپشن ثابت ٿي، 10 سالن جي سزا ملي پر هڪ سال ۾ ئي فوت ٿي ويو. 23 سال تيونس جو صدر رهندڙ زين العابدين کي اربين ڊالرن جي ڪرپشن تي 10 سالن  جي قيد ٿي.  صدر سوهارتو 31 سالن تائين انڊونيشيا تي حڪومت ڪئي، ڪرپشن جي الزامن بعد اقتدار ڇڏيو ۽ جيل جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا کي ساڍا 9 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، مٿس ڪنسٽرڪشن ڪمپنين کان ڪيڪ بيڪس وٺڻ جو الزام هو. ڪروشيا جي اڳوڻي وزيراعظم آئيوو سنيڊر کي ڪرپشن تي 9 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. ڏکڻ ڪوريا جي صدر پارڪ گيون جو گذريل سال ڪرپشن تي مواخذو ٿيو ۽ اپريل 2018ع ۾ ڪرپشن ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ تي کيس 24 سال قيد ۽ ملين ڊالر ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.ٿائيلينڊ جي وزيراعظم ينگ لڪ شناوترا ڪرپشن ۾ عدالت مان پنج سال جي سزا کانپوءِ برطانيا ڀڄي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے