24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: چمبڙ: اڄ مخالف عوامي سمنڊ ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن: امداد علي پتافي

Chambar: Opponents feared to see massive crowd of people: Imadad Ali Pitafi*پي ايس 61  تي پ پ جي نامزد اميدوار ر امداد علي پتافي چيو آهي تھ اڄ مخالف عوامي سمنڊ ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن.

 چمبڙ  ۾ پ پ اڳواڻ امداد علي پتافي پيپلز پارٽي جي آفيس جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو تھ  جي ڊي اي سنڌ م 15 اميدوار بھ نھ بيهاري سگهي آهي، هو پ پ جو ڇا مقابلو ڪندا.

هن چيو تھ  مخالف چند ماڻھو گڏ ڪري فتح جون ڳالھيون ڪري رھيا آھن پر انھن جي شڪست مقدر بڻجي چڪي آھي.

 جلسي کي خطاب ڪندي ذوالفقار ستار بچاڻي،  حاجي عبدالستار بچاڻي،  رمضان مري ، محبوب پتافي ۽ ٻين چيو تھ  25 جولاءِ پيپلز پارٽي جي فتح جو ڏينھن آھي.

هنن چيو تھ  پاڪستان جو عوام 25 جولاءِ تي پ پ جي مايدوارن کي ڪامياب ڪري مخالفن جون ضمانتون رد ڪندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے