21 جمعو , سيپٽمبر 2018

احتساب اهو جنهن مان شفافيت نظر اچي

احتساب عدالت لنڊن جي مهانگي علائقي ايون فيلڊ ۾ رهائشي گهر/فليٽ/اپارٽمينٽ رکڻ جي ريفرنس ۾ فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي ڏهه سال قيد، سندس ڌيءُ مريم نواز کي ست سال قيد ۽ ميان نواز شريف جي ڄاٽي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي هڪ سال قيد، ايون فيلڊ وارو گهر ضبط ڪرڻ ۽ ميان نواز شريف جي ٻنهي پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏيندي انهن جي گرفتاريءَ جا مستقل وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ايون فيلڊ ريفرنس گذريل 9 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان احتساب عدالت ۾ هلندڙ هو، جنهن جو فيصلو 3 جولاءِ تي محفوظ ڪيو ويو هو جيڪا ڪالهه احتساب عدالت جي جج چوڌري محمد بشير ٻڌايو.فيصلي موجب ميان نواز شريف تي 80 لک پائونڊ ۽ مريم نواز تي 20 لک پائونڊ ڏنڊ به وڌو ويو آهي، نواز شريف تي 80 لک پائونڊن جو جيڪو ڏنڊ وڌيو ويو آهي، سو پاڪستاني رپئي جي حساب سان هڪ ارب 29 ڪروڙ رپيا ٿئي ٿو ۽ مريم نواز تي هنيل 20 لک پائونڊن جو ڏنڊ پاڪستاني رپئي ۾ ساڍن ٻٽيهه ڪروڙن جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو.

ان بابت ڪا به ٻي راءِ ٿي نه ٿي سگهي ته هيءُ ملڪ ۽ سماج بدعنوانين کان سئو سيڪڙو پاڪ هئڻ گهرجي، جيڪو به قومي ناڻو لٽي ۽ ڦري ٿو تنهن خلاف ڪارروائي به ٿيڻ گهرجي ۽ قوم جي لٽيل دولت به واپس ٿيڻ گهرجي پر اهو عمل ان صورت ۾ ئي عوامي پذيرائي ۽ عوام ۾ قبوليت حاصل ڪري سگهي ٿو جڏهن ان مان شفافيت چٽي ٿي نظر اچي.احتساب وارو عمل جڏهن ڪنهن هڪ فرد، گروهه، جماعت يا طبقي تائين محدود رهي ٿو ته اهو احتساب نه پر انتقام جي زمري ۾ ئي اچي ٿو ۽ ان تي سوال اٿن ٿا. احتساب جو عمل ان وقت تائين شفاف، حقيقي ۽ احتساب تي ٻڌل نٿو ليکجي سگهي جيستائين بنا ڪنهن فرق ۽ رک رکاءَ جي هر طبقو، رياست جا سڀ ٿنڀ، ڪرپشن جا مرتڪب عنصر ۽ آئين ۽ قانون اورانگهيندڙ شخص ان جي لپيٽ ۾ نه ٿا اچن. احتساب وارو عمل رڳو هڪ طبقي تائين محدود نه هجي.

ڪرپشن هڪ لاڙو آهي،هڪ وبا آهي، جنهن جي لپيٽ ۾ اسان جو هر طبقو آيل آهي، ڪرپشن کان نه ته سياست جو شعبو بچيل آهي نه ئي ڪامورا، فوج توڙي عدليا، ڪرپشن هڪ ڪينسر بڻجي چڪي آهي ۽ ان ڪينسر جو علاج رڳو هڪ شعبي کي ٽارگيٽ بڻائڻ سان قطعي طور ٿي نه ٿو سگهي، ان جو علاج ايئن ئي بنا ڪنهن رک رکاءَ ۽ رعايت جي هر اداري ۽ شعبي جي احتساب سان ٿي سگهي ٿو، جيئن سياستدانن، سياسي جماعتن ۽ ساڻن ويجهڙائپ رکندڙ اهم شخصيتن جي گرفتاريءَ جي صورت ۾ ٿي رهيو آهي.

احتساب جي عمل تي ان وقت سوال اٿن ٿا، جڏهن سيڪيورٽي ادارن طرفان اوچتو ڪٿان نه ڪٿان ڪي ماڻهو کڄن ٿا، پوءِ اوچتو انهن جا ڪي وڊيو پيغام جاري ٿين ٿا ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو فلاڻي يا فلاڻي جو ساڄو هٿ يا فرنٽ مين هو، ان مني لانڊرنگ ڪئي ۽ هيترا ارب ڦٻايا، جنهن خلاف ڪارروائي ٿيندي، احتساب واري عمل ۾ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ لازمي آهي ته احتساب جي عمل جو دائرو ايئن ئي ٻين ادارن ۽ طبقن تائين به وڌايو وڃي، جيئن سياستدان ان جي لپيٽ ۾ آيل آهن. هر شيءِ مام ۾ رکي، اوچتي نموني ظاهر ڪرڻ سان ان تي آڱريون کڄڻ فطري عمل آهي.

بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ آمريتن ۾ ٿيل احتساب هجي يا جمهوري دورن ۾ سيف الرحمان طرز جو ٿيل احتساب يا اڄوڪيون احتسابي ڪارروايون تن جي شفافيت سواليا هئڻ ڪري ئي ان کي احتساب کان وڌيڪ انتقام جو نالو پئي ملندو رهيو آهي. ميان نواز شريف جي دور ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو ۽ سندس ور خلاف احتسابي ڪارروايون شروع ڪيون ويون ته هن انهن کي سندس خلاف سياسي انتقامي ڪارروائي قرار ڏنو هو، ايئن ئي اڄ جڏهن ميان نواز شريف خلاف احتسابي ڪارروايون ٿي رهيون آهن ته هو انهن کي انتقام جو نالو ڏئي رهيو آهي.

سري محل هجي يا ايون فيلڊ يا پاناما اهڙا اسڪينڊل وقتي طور ظاهر ٿي لئي مٽي ٿي وڃڻ هن ملڪ جي پراڻي تاريخ رهي آهي.ا هڙا اسڪينڊل هڪ طبقي تي دٻاءَ برقرار رکڻ لاءِ ظاهر ڪري وري ڪجهه سالن کان پوءِ معاملا معمول تي آڻي لئي مٽي پئي ڪيا ويندا رهيا آهن، جنهن ڪري جن خلاف ڪارروائي ٿيندي آهي، سزائون اينديون آهن سي چند سالن کان پوءِ معاملا لئي مٽي ٿي وڃڻ کان پوءِ سرعام اهو چوندي ٻڌا ويندا آهن ته سندن خلاف جيڪي ڪارروايون ڪرپشن جي آڙ ۾ ڪيون ويون هيون سي اصل ۾ انتقامي ڪارروايون يا سياسي بنيادن تي ٿيل هيون، جنهن جي ڪري ئي احتساب يا ڪرپشن جي خاتمي جي ڏس ۾ وقتن به وقتن جڏهن به جيڪي به ڪارروايون ٿيون آهن سي عوامي قبوليت ماڻي نه سگهيون آهن.

جيتري قدر ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ميان نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب کي ڪالهه ٻڌايل سزا جو تعلق آهي ته فرض ڪجي هو واقعي به ڏوهه جو ڏوهاري هجي، هن واقعي به غلط اثاثن مان اهي گهر ٺاهيا هجن پر ريفرنس ۾ فيصلي لاءِ جنهن وقت جي چونڊ ڪئي وئي آهي، سو فيصلي جي شفافيت کي سواليا نشان بڻائي ٿو ڇڏي. اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ ۾ چونڊن جو عمل جاري آهي، سياسي جماعتون ۽ انهن جا اميدوار چونڊ مهم ۾ مصروف آهن، تڏهن اهڙا فيصلا جن مان هڪ جماعت ئي نشانو بڻجندي نظر اچي يا ڪٿان نه ڪٿان، ڪنهن نه ڪنهن جا اهم ماڻهو کڄڻ، گرفتار ٿيڻ جون خبرون روز جو معمول بڻجن ته ان سان احتساب واري عمل جي شفافيت يقيني ٿيڻ بدران احتساب ۽ انصاف جي آڙ ۾ انتقام وارو بيانيو ويتر مضبوط ٿيندو.

ڪرپشن جي ڪير به حمايت نه ٿو ڪري سگهي، جيڪي ڪک پتيءَ مان لک پتي ٿي ويا تن کان يقيني طور پڇاڻو ٿيڻ گهرجي پر اهڙي عمل ۾ جڏهن پسند ناپسند واري روش اختيار ٿئي ته ان تي سوال اٿڻ فطري عمل آهي.

احتساب جو عمل ان صورت ۾ ئي عوامي پذيرائي ماڻي سگهي ٿو جڏهن اهو هڪ جماعت ۽ هڪ اداري تائين محدود نه هجي بلڪه بنا ڪنهن ڏاڍي ۽ ڪمزور جي فرق جي هر ڪو ان عمل مان گذري، ڪمزور طبقا احتساب جي لپيٽ ۾ هجن ۽ ڏاڍن کان ڪير پڇي ئي نه سگهي ته تنهنجي وات ۾ ڌپ ڇو؟ ته جنهن طرز جو احتساب  آهي، سو انصاف تي ٻڌل نه پر انتقام تي ٻڌل ئي ليکيو ويندو.

ڇنڇر 7 جولاءِ 2018ع، 22 شوال 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ – افغان لاڳاپا ۽ علائقي جو امن

افغانستان ۾ روس جي آمد بعد ۽ وري روس جي نيڪاليءَ بعد جيڪا جنگ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے