20 خميس , سيپٽمبر 2018

اسٽار ڪرڪيٽر مهندر سنگهه ڌوني اڄ پنهنجي 37هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي

Star cricketer Mahendra Singh is offering his 37 birthday todayنئي دهلي(رپورٽ: ايس ايس) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ اسٽار وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين مهندر سنگهه ڌوني 37 ورهين جو ٿي ويو، اڄ پنهنجي 37 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.7 جولائي 1981 ڀارتي رياست جهارکنڊ(اڳوڻو بيهار) جي مک شهر رانچي ۾ جنم مهندر سنگهه ڌوني علائقائي ڪرڪيٽ کان ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم تان هڪ ڏکيو سفر طئي ڪيو، سال 2015 ۾ سندس حياتي تي ٺهندڙ باليووڊ فلم ”ايم ايس ڌوني ان ٽولڊ اسٽوري“ ۾ اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو ويو آهي ته رانچي جو هي مهندر ڪيئن پنهنجي محنت سان اڳتي هلي سموري عالمي ڪرڪيٽ جو ”ماهي“ بڻجي ويو.  مهندر سنگهه ڌونيءَ ڀارت کانسواءِ ايشيا اليون، بيهار، چنائي سپر ڪنگز، جهارکنڊ، رائزنگ پوني سپرجينٽس طرفان ڪرڪيٽ کيڏي. 90 ٽيسٽ، 318 ون ڊي ۽ 89 ٽي 20 ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي. هن 2005 ۾ چنائي جي ميدان تي سريلنڪا خلاف پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏي، ۽ سال 2014 ۾ ميلبورن جي ميدان تي ڪينگروز خلاف پنهنجي ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ ۾ حصو ورتو جنهن بعد هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو(جڏهن ته هن ون ڊي ۽ ٽي 20 ڪرڪيٽ جاري رکيون پيو اچي) 90 ٽيسٽ ميچن جي 144 اننگز ۾ 16 ڀيرا ناٽ آئوٽ رهندي 38.09 جي ايوريج سان 4876 رنسون اسڪور ڪيون جنهن 6 سينچريون ۽ 33 ففٽيون شامل آهن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سندس سڀ کان بهترين اسڪور 224 رنسون رهيو، جڏهن وڪيٽن  پٺيان 256 ڪيچ ۽ 38 اسٽمپ ڪيا. 318 ون ڊي ميچن جي 272 اننگزن ۾ 78 ڀيرا ناٽ آئوٽ رهندي 51.37 ايوريج سان 10سنيچرين ۽ 67 ففٽين جي مدد سان 9967 رنسون اسڪور ڪيون آهن هڪ ڏينهن واري عالمي ڪرڪيٽ ۾ سندس سڀ کان وڏو اسڪور 183 ناٽ آئوٽ آهي جيڪو هن سريلنڪا خلاف اسڪور ڪيو. وڪيٽ ڪيپر طورهن  405 شڪار ڪيا جن ۾ 297 ڪيچ  جڏهن ته107 اسٽمپ شامل آهن. 89 ٽي 20 ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي ۽ 39 ڀيرا ناٽ رهندي 37.02 جي ايوريج رکندي 2 ففٽين جي مدد سان 1444 رنسون اسڪور ڪيون وڪيٽ ڪيپر طور 49 ڪيچ ۽ 29 اسٽمپ ڪيا. وڪيٽ. مهندر سنگهه ڌوني ڪپتان طور ٽنهي آءِ سي سي ايونٽن ۾ ڀارتي ٽيم کي چيمپيئن بڻايو، 2007 مهندر سنگهه ڌونيءَ جي اڳواڻي ۾  ڀارت پهريون ٽي 20 عالمي ڪپ ۾ ڪاميابي ماڻي، 2011 جي هڪ ڏينهن واري عالمي ڪپ ۾ پڻ ڀارتي ٽيم سندس قيادت ۾ ڪاميابي جو تاج پنهنجي سر تي سجايو. سال 2013 ۾ چيمپيئنز ٽرافي ۾ ٽيم کي فاتح بڻايو ان کان سواءِ انڊين پريميئر ليگ ۾ چنائي سپر ڪنگز جي قيادت ڪندي 3 ڀيرا آءِ پي ايل ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي، جڏهن ورلڊ چيمپئنز ليگ ٽي 20 ٽورنامنٽ ۾ پڻ ڌوني جي اڳواڻي ۾ چنائي سپر ڪنگز ٻه ڀيرا فاتح بڻي. مهندر سنگهه ڌونيءَ  بهترين ڪاڪردگي سبب سال 2008 ۽ 2009 ۾ لاڳيتو سال جي بهترين ون ڊي پليئر جو  ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو. هو اهڙو اعزاز حاصل ڪندڙ  ڪرڪيٽ جي تاريخ جو پهريون رانديگر آهي جنهن لاڳيتو سال جي بهترين ون ڊي پيلئر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو. کيس 2007 ۾ راجيو گانڌي ايوارڊ، 2009 ۾ ڀارت جي چوٿين وڏي سولين ايوارڊ پدما شري ۽ هلندڙ سال ڀارت جي سڀ کان وڏي سولين ايوارڊ پدما ڀوشن سان نوازيو ويو.  ان کان سواءِ ڪرڪيٽ جي عالمي اداري( آءِ سي سي) 2009، 2010 ۽ 2013 ۾سندس نالو سال جي بهترين ٽيسٽ اليون جي ڪپتان طور چونڊيو.. انکا نسواءِ هو رڪارڊ 8 ڀيرا سال جي بهترين  ورلڊ ون ڊي اليون ٽيم ۾ شامل رهيو جن ۾  5ڀيرا  کيس ڪپتان هئڻ جو اعزاز حاصل رهيو.9 ورهين تائين ڀارتي ٽيم جي ڪپتاني جو اعزاز ماڻيو. ڪيپر طور عالمي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ مارڪ بائوچر، ايڊم گلڪرسٽ، ڪمار سنگاڪارا بعد چوٿون نالو مهندر سنگهه ڌوني جو آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي سڀ کان ڪامياب ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني جو پهريون پيار فٽبال هو، هو پنهنجي اسڪول جي فٽبال ٽيم ۾ گول ڪيپر هو، فٽبال سان  سندس دلي لڳاءُ  وقت به وقت ظاهر ٿيندو رهندو آهي،  انڊين سپر ليگ ۾ هو هڪ ٽيم جو مالڪ پڻ آهي. فٽبال کانسواءِ کيس بيڊمنٽن پڻ تمام گهڻو پسند آهي. جڏهن ته ڌوني کي موٽر ريسنگ جو پڻ تمام گهڻو شوق آهي، هن موٽر ريسنگ ۾ ”ماهي“ نالي هڪ ٽيم پڻ خريد ڪئي آهي.  مهندر سنگهه ڌوني کي 2011 ۾ ڀارتي فوج ۾ اعزازي ليفٽننٽ ڪرنل جي عهدي سان پڻ نوازيو ويو هو، ان حوالي سان ڌوني چيو هو ته جيڪڏهن هو ڪرڪيٽر نه هجي ته ڀارتي فوج ۾ هجي ها،  اهو هن ننڍپڻ جو خواب هو. جڏهن ته هو بهترين موٽر بائيڪن  جو ديوانو آهي، سندس ذاتي موٽر بائيڪن جو انگ هڪ درجن کان وڌيڪ آهي. ايم ايس ڌوني کي ڪرڪيٽر طور پهرين ملازمت انڊين ريلوي ۾ ٽڪيٽ ڪليڪٽر طور ملي هئي، ان بعد هو ايئر انڊيا ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو، جنهن بعد هو ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ(بي سي سي آءِ)  جي اڳوڻي چيئرمين  اين شري نواسن جي ڪمپني انڊيا سيمنت ڪمپني سان سالهاڙجي ويو. ايم ايس  ڌوني جو شمار عالمي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ ڪرڪيٽرن ۾ ٿيندو آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ کان اڳ سندس سالياني آمدني 150 کان 190 ڪروڙ رپيا هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے