25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو محمد خان: پ ٽ الف  طرفان بائيو مئٽرڪ سسٽم ضلعي سطح تي آڻڻ  لاءِ ريلي

Tando muhammad Khan: Rally by PTA to bring Bio metric system on district level*ٽنڊو محمد خان ۾ پ ٽ الف  طرفان بائيو مئٽرڪ سسٽم ضلعي سطح تي آڻڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي.

استادن شاهنواز مهر ، عارف قريشي ، غلام مصظفى سومرو ، اشفاق سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين پرائمري اسڪول کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ سنڌ حڪومت واعدو ڪيو هو ته اين ٽي ايس استادن کي ريگيولر ڪيو ويندو جيڪو اڃا تائين وفا ناهي ٿيو.

هنن چيو تھ  بائيو ميٽرڪ سسٽم کي ضلعي سطح تي  آڻي ان جا  اختيار ڊي او کي ڏنا وڃن.

اڳواڻن چيو تھ  هو  ڪيتري عرصي کان احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪمرانن جي ڪنن تي جونءَ به نھ  ٿي سري.

 هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو سوموٽو ايڪشن وٺي استادن سان انصاف ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے