22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: کپرو: پ پ اميدوارن چونڊ مهم جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي

Khipro: PPP candidate in the election campaign officially got startedکپري ڀرسان پ پ اميدوارن ڪارنر گڏجاڻيون ڪري چونڊ مهم جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي.

 پي ايس 41 تي بيٺل پ پ اميدوار معشوق چانڊئي، اين اي 2 سئو 15 جي پ پ اميداور نويد ڏيرو ۽ ٻين مختلف برادرين سان ڪارنر گڏجاڻيون ڪري کين اعتماد ۾ ورتو.

ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي معشوق چانڊئي ۽ نويد ڏيري سميت ٻين اڳواڻن چيو ته پ پ چيئرمين کي ملندڙ شاندار موٽ ڏسي مخالف وائڙا ٿي ويا آهن، 25 جولاءِ مخالفن جي تڏا ويڙهه جو ڏينهن ثابت ٿيندو.

هنن چيو ته سنڌ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جا تاريخي استقبال ڏسي پ پ مخالف وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن، 25 جولاءِ تي سانگهڙ جو عوام تير تي ٺپو هڻي کين ڪامياب ڪندو.

 ان موقعي تي رئيس محمد حسن چانڊيو، ايوب وساڻ ۽ قيصر وساڻ سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے