19 اربع , سيپٽمبر 2018

اسان جي انٽرسٽ آهي ته نواز شريف کي سزا ملي ۽ پيسا به واپس اچن: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ اصناف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اسان جي انٽرسٽ آهي ته نواز شريف کي سزا ملي ۽ پيسا به واپس اچن، پاڪستان مان جيڪي 3 هزار ڪروڙ ٻاهر ويا اُهي واپس ڪيئن ايندا اهو اهم هوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي فواد چوڌري چيو ته عمران خان نواز شريف جي خلاف فيصلي تي رد عمل تيمرگره جي جلسي ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي اسان جون همدرديون ڪلثوم نواز سان آهن پر شريف فيمل کي دفاع جو ڀرپور موقعو مليو ۽ مون کي يقين آهي ته انصاف تي ٻڌل فيصلو ٿيندو. پاڪستان ۾ طاقتور ماڻهن جو احتساب شروع ٿيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته پاڪستاني سياست تي فيصلي جا مثبت اثر پوندا اسان جي انٽرسٽ آهي ته نواز شريف کي سزا ملي ۽ پيسا به واپس اچن، پاڪستان مان جيڪي 3 هزار ڪروڙ ٻاهر ويا اُهي ڪيئن واپس ايندا اِهو اهم هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے