25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: سانگهڙ: پهرين راڻا جي آل پاڪستان نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پهتي

Sanghar: First Pakistan All-India National Cricket Championship at the end of the year*سانگهڙ  ۾ پهريون راڻا جي آل پاڪستان نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٽي ڏينهن جاري رهڻ بعد پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.

ٽورنامينٽ ۾ سنڌ توڙي پنجاب جي 16 ٽيمن حصو ورتو 3 ڏينھن جاري رهندڙ ٽورنامينٽ ۾ فائنل ۾ شيرواني ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي ۽ جانباز ڪرڪيٽ ڪلب ٽنڊو آدم پهتيون.

 فائنل ۾ سانگهڙ توڙي ڀرپاسي جي هزارين ماڻهن فائنل ميچ کي انجوائي ڪيو ٽاس شيرواني ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي کٽي بئٽنگ جو فيصلو ڪيو

شيرواني ڪلب مقرر ڪيل  8 اوورن ۾ 7وڪيٽن جي نقصان 74رنسون ٺاهيون اشرف پٺاڻ بهترين بئٽنگ جو مظاهرو ڪيو.

 جانباز ٽنڊو آدم مخالف ٽيم طرفان مليل هدف 4 اوورن ۾ پورو ڪيو جنهن ۾ آل رائونڊر عزيز احمد ڪانڌڙو بهترين بئٽنگ ڪندي 14 بالن تي ففٽي هنئي

 ٽورنامينٽ جي رنر ٽيم شيرواني ڪرڪيٽ ڪلب جي ڪپتان اشرف پٺاڻ کي هونڊا موٽر سائيڪل ۽ رنر اپ ڪپ ڏنو ويوجڏهن ته ونر ٽيم جي ڪپتان شاهجهان مير جت کي ٽيم کي ٽرافي ۽ اڍائي لک ڏنا  ويا …………

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے