22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪينيڊا ۾ سخت گرمي، هيٽ ويو سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 33 ٿي ويو

The severity of heat in Canada was caused by a decrease of 33اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا ۾ گذريل هڪ هفتي کان جاري هيٽ ويو جي نتيجي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 33 ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪينيڊا جي وچ ۽ اوڀر وارا علائقا سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهن جڏهن ڪيوبڪ صوبي ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي چڪو آهي، جنهن سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 33 ٿي ويو آهي.  ڪيوبڪ صوبي جي سڀ کان وڏي شهر مونٽريئل ۾ سڀ کان وڌيڪ 18ڄڻا هيٽ ويو سبب فوت ٿيا، جتي گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو جڏهن حڪومت طرفان شهرين کي اڳواٽ ئي هيٽ ويو کان خبردار ڪيو ويو هو.  سٽي پبلڪ هيلٿ ڊيپارٽمنٽ جو چوڻ آهي ته فوت ٿيندڙن ۾گهڻو انگ مڙدن جو آهي، جن جي عمر 53 کان 85 ورهين جي وچ ۾ هئي، جڏهن فوت ٿيندڙن ۾ گهڻي قدر اهي شامل آهن جيڪي گهر جي مٿائين منزل تي بنا ايئر ڪنڊيشنڊ جي رهي رهيا هئا.  موسميات واري کاتي چيو آهي ته هيٽ ويو سان متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ڪيوبڪ صوبي جو ڏاکڻو حصو، اونٽاريو صوبو ۽ بحر اوقيانوس جا علائقا شامل آهن، جڏهن ته هيٽ ويو جي شروعات 29 کان ٿيو جيڪو جلد ختم ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے