21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ٻن ڊيمن جي فوري تعمير بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو

                         سپريم ڪورٽ ملڪ اندر پاڻي کوٽ ۽ ڊيمن جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڀاشا ۽ مهمند ڊيم ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته چندو ڪري به ڊيم تعمير ڪيا وڃن. عدالت کي ناڻي جي سيڪريٽري ٻڌايو آهي ته هن وقت في ايڪڙ 170 رپيا ڍل وصول ٿي رهي آهي، جيڪا 1500 رپيا في ايڪڙ تي وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جنهن سان ساليانو 70 ارب رپيا گڏ ٿيندا، جيڪي ڊيمن جي تعمير بابت ڪتب آڻي سگهبا. واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين شمس الملڪ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير بابت عدالت اڳيان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جو ڪالاباغ ڊيم بابت هڪ ئي راڳ آهي ته پنجاب تي اعتبار ناهي.

ملڪ اندر پاڻي جي سنگين مسئلي جي حل ۽ ڊيمن جي تعمير بابت اعليٰ عدليا بدران ڪيس جي تڪڙين ٻڌڻين واري عمل ۽ فوري طور ٻن غيرتڪراري ڊيمن ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم جي تعمير بابت حڪم جاري ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ملڪ اندر پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي ڏسندي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊيمن جي تعمير سميت متبادل آپشن تي ويچارڻ ۽ عمل جي اشد ضرورت آهي پر ان ڏس ۾ ڳري خرچ وارن وڏن ڊيمن جن جي قومي وسيلا اجازت نه ٿا ڏين، تن کي اوليت ڏيڻ بدران گهٽ خرچ وارن ننڍن ڊيمن جي تعمير سان هڪ ته وفاق يا صوبن وٽ وسيلا نه هئڻ وارو عذر نه رهندو ٻيو ته انهن ڊيمن جي تعمير ٿوري مدي ۾ ٿي سگهي ٿي، جنهن سان پاڻيءَ جون فوري گهرجون پوريون ٿي سگهن ٿيون.

اڄ جو دور آبپاشي جي ماهرن چواڻي وڏن ڊيمن جي تعمير جو دور ناهي، الائي ڇو اسان وٽ انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) يعني سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو انتظام هلائيندڙ ۽ ڪنٽرول ڪندڙ اختيارين توڙي واپڊا جو زور هميشه وڏن ڊيمن خاص ڪري ڪالاباغ ڊيم جي تعمير تي ئي پئي رهيو آهي. واپڊا جو اڳوڻو چيئرمين شمس الملڪ جيئن ته ڪالاباغ ڊيم جو حامي رهيو آهي ۽ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام به ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري هو قومي وحدت، ملڪي بقا ۽ ڪالاباغ ڊيم بابت قومن ۾ موجود اختلافن ۽ تضادن کي نظرانداز ڪري ڊيم جو حامي پئي رهيو آهي. اهو ڊيم جيڪو ملڪ جي چئن وحدتن/صوبن مان ٽي وحدتون/صوبا رد ڪري چڪا آهن.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هڪ اهڙو ملڪ جيڪو وسيلن جي شديد کوٽ جو شڪار هجي، ملڪي وهنوار هلائڻ لاءِ عالمي مالياتي ادارن ڏانهن وڃڻ، پرڏيهي قرض وٺڻ معمول بڻيل هجيس، جتي اڪثر وڏا منصوبا پنهنجي وسيلن بدران ٻاهرين ملڪن خاص ڪري عالمي بينڪ، آءِ ايم ايف، ايشيائي ترقياتي بينڪ، چين جي بينڪن کان قرض وٺي عمل هيٺ آندا ويندا هجن اتي اهڙا منصوبا جن جي تعمير لاءِ وسيلن جي فراهمي سرڪار جي وس ۾ ئي نه هجي، سرڪار کي انهن لاءِ فنڊ ڏيڻ جي سگهه ئي نه هجي ته انهن منصوبن کي اوليت ڏيڻ يا انهن تي زور ڏيڻ قرض تي ريل وٺڻ کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو.

اهڙا منصوبا صرف مجبوريءَ جي صورت ۾ ئي شروع ڪري سگهجن ٿا، جڏهن انهن جو ڪو متبادل نه هجي پر خوشقمستيءَ سان پاڪستان ۾ جبل به آهن ته ميداني علائقا، ٿڌا علائقا به آهن ته گرم به، هيٺانهينءَ وارا علائقا به آهن ته مٿانهينءَ وارا به، سو چوڻ جو مطلب جتي مينهن ججها وسندا هجن، جتي جبلن کان مينهوڳي جي مند ۾ نيون وهي تباهيون مچائينديون هجن، اتي ڍنڍن ۽ ترائين ۾ ڊيم ٺاهي اهو پاڻي ذيان ٿيڻ کان بچائي به سگهجي ٿو ۽ کوٽ جي وقت بئراجي توڙي باراني علائقن ۾ پيئڻ توڙي پوکي راهيءَ لاءِ استعمال به ڪري سگهجي ٿو.

نه رڳو ايترو پر جن ڏينهن ۾ مينهن ججها پون ٿا، يا جنهن سان ٻوڏ اچي ٿي، اهڙي ٻوڏ جيڪا ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ وجهي ڇڏي ته ان ٻوڏ جو اضافي پاڻي، جيڪو واقعي به ڳوٺ شهر ٻوڙي ٿو ڇڏي، تباهي آڻي وڃي ٿو، سمنڊ ۾ پئي سو پاڻي به ننڍن ڪيري اوور ڊيمن کي تعمير ڪري سمنڊ ۾ ذيان ٿيڻ کان بچائي به سگهجي ٿو، ذخيرو به ڪري سگهجي ٿو ۽ وقت سر استعمال به ڪري سگهجي ٿو.

اسان وٽ وڏن ڊيمن خاص ڪري ڪالاباغ ڊيم جا حامي الائي ڇو سمنڊ ۾ جيڪو پاڻي وڃي ٿو تنهن کي پاڻيءَ جو ذيان سمجهن ٿا ۽ ان جو علاج فقط ۽ فقط ڪالاباغ ڊيم کي سمجهن ٿا پر کين سمجهڻ گهرجي ته سمنڊ ۾ هڪ ته هر سال يا ٻارهو ئي پاڻي نه ٿو وڃي، اهو ٻوڏ جي صورت ۾ ئي وڃي ٿو، جنهن سان سمنڊ جي يا ڪوٽڙيءَ کان هيٺ انساني، آبي ۽ جهنگلي جيوت جي ضرورت پوري ٿئي ٿي، ان ضرورت جي پورائي کان پوءِ جيڪو پاڻي بچي ٿو تنهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم جهڙي تڪراري منصوبي بدران ننڍن ڊيمن ۾ ذخيري کي اوليت ڏيڻ گهرجي.

سنڌوءَ جي ٻنهي پاسي، کيرٿر جابلو سلسلي سان لڳ ڀڳ ٿر ۾ ۽ اڇڙي ٿر ۾ ۽ ايئن چئني صوبن ۾ جتي به گنجائش هجي اتي ننڍا نڍا ڊيم تعمير ٿيڻ گهرجن، جن تي وسيلا گهٽ خرچ ٿين، ڪو تڪرار به نه اڀري ۽ چندي جي به ضرورت به نه پئي، جيتري قدر ڍل ۽ آبيانو وڌائڻ جي ضرورت آهي ته اهو ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو جڏهن فصل ججها ٿيندا هجن، فصلن تي خرچ وڌڻ بدران گهٽيو هجي يا وري ايترو پاڻي موجود هجي جو هر سال آباديءَ لائق ايراضيءَ ۾ اضافو ٿي رهيو هجي يا وري هارين ۽ آبادگارن کي فصلن جا اهڙا مناسب اگهه ملي رهيا هجن جو انهن جون موجون ئي موجون هجن، هتي ته هر سال واپارين، هارين ۽ آبادگارن جو بوڇڻ ئي ڪلهي تي هوندو آهي، پاڻي جي کوٽ ڪري هو فصلن جي پورت لاءِ ٽيوب ويلن تي جيڪا ڊيزل خرچ ڪن ٿا، جڏهن فصل لهي ٿو ته انهن جا اگهه کين ايترا ملن ٿا جو سندن خرچ پکو ئي نه ٿو بچي، اهڙي صورت ۾ هارين ۽ آبادگارن کي رليف ڏيڻ بدران ويتر ڍل جي صورت ۾ اضافي بار جي تجويز سمجهه کان ٻاهر آهي.

جمعو 6 جولاءِ 2018ع، 21 شوال 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ – افغان لاڳاپا ۽ علائقي جو امن

افغانستان ۾ روس جي آمد بعد ۽ وري روس جي نيڪاليءَ بعد جيڪا جنگ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے