23 آچر , سيپٽمبر 2018

پابندي لڳل مذهبي تنظيمن جو نالا بدلائي چونڊن ۾ بيهڻ وارو الميو

ماريا اسماعيل

سنڌ سميت پوري ملڪ جي مذهبي رواداري، امن، سهپ، انسان دوست فڪر ۽ صوفي ڪلچر کي ختم ڪري مذهبي تنگ نظري، فرقيواريت، انتهاپسندي ۽ جهادي تشدد واري سوچ ۽ ڪلچر کي پکيڙيو پيو وڃي. عالمي طور تي پابندي پيل مذهبي انتهاپسند تنظيمون سنڌ ۾ فلاح، انسانيت ۽ مذهب جي نالي ۾ ماڻهن کي گمراهه ڪري فلاحي ڪمن جي بهاني جهادي نيٽ ورڪ تيزي سان ڦهلائي رهيون آهن.

سنڌو درياءَ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي هر روز نوان مدرسا کوليا پيا وڃن. جن ۾ سنڌين جي غربت جو ناجائز فائدو وٺي نوجوانن کي دين جي نالي ۾ گمراهه ڪري جهاد جي تربيت ڏني پئي وڃي. بدقسمتي سان اسلام آباد جهادين جي سرپرستي واري پاليسي تان اڃا هٿ نه کنيو آهي. ضياءَ دور جون جهادي پاليسيون اڃا برقرار آهن. نام نهاد سياست ڪندڙ سياستدان بدنام ڪردارن هزارين سنڌي هندن جي نياڻين جي جبري مذهبي تبديلي ۾ ملوث ڪردارن کي سياسي سپورٽ ڪئي پئي وڃي، هر حوالي سان مذهبي دڪانداري اسان جي سنڌ ۽ ملڪ کي تباهي طرف وٺي وڃي رهي آهي،  جنهن سبب اسان جي ملڪ جي عوام کي سزا اها ملي رهي آهي جو اسان جي ملڪ ۾ اها ڪا به ڪنڊ خالي نه آهي جيڪا مذهبي دهشتگردي ۽ پابندي مڙهيل تنظمين جي اثر کان آجي هجي.

ملڪ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ انتها پسندي ۽ پابندي مڙهيل تنظمين جي دهشتگردي جاري آهي، انهي صورتحال ۾ جيڪڏهن اسان جي رياست سنجيده ڪوششون وٺي ها ته اڄ ملڪ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي دهشتگرديءَ جو ايڏو نيٽ ورڪ وسيع نه هجي ها پر اسان جي ملڪ ۾ ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به حڪمرانن ڳالهيون ڪيون آهن ته انهن سنجيده ۽ عملي ڳالهيون گهٽ پر دعوائون وڌيڪ ڪيون آهن. اسان هميشا حڪومت جون دعوائون ٻڌندا ايندا آهيون ته ملڪ ۾ دهشتگرد تنظيمن جو نيٽ ورڪ ٽوڙيو ويو آهي ۽ دهشتگرد تنظيمن تي پابنديون لڳايون ويون آهن.

حيرت جي ڳالهه آهي جو اسان جي ملڪ جي حڪمرانن جي قانوني رٽ ايتري ڪمزور آهي جو هو هڪ ڏينهن دهشتگرد تنظمين تي پابندي هڻندا آهن ٻئي ڏينهن هو پنهنجي دهشتگرد تنظمين جا نالا بدلائي وري نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو نيٽ ورڪ آباد ڪندا آهن جتي اسان جي ملڪ جي قانوني ۽ رياستي ڪارروائي ايتري ڪمزور هجي اتي مضبوط ٿيل اڌ صدي جي دهشتگردي واري نيٽ ورڪ کي ڪئين ٿو ٽوڙي سگهجي؟

حيرت جي ڳالهه هيءَ به آهي اسان جي ملڪ ۾ جتي پابندي مڙهيل تنظمين جي دهشتگردي جاري ۽ ساري آهي اتي انهن جي سياسي ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ جي سرگرمين کي روڪڻ وارو به ڪير ڪو نه آهي، جتي اسان وٽ اهي پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيمون ٻيون سرگرميون جاري رکڻ ٿيون اتي هو اليڪشن جو حصو به آسانيءَ سان ٿين پيون، هو ڪٿي نالا ۽ ويس بدلائي پاڻ اليڪشن ۾ اميدوار طور بيهن ٿا ته هو ڪٿي  وڏي وقم وٺي ٻين جي مدد ڪن ٿا، ڪٿي هو اليڪشن ۾ مذهبن جو نالو استعمال ڪري وڏو وڏو چندو گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته هو ڪٿي ڏاڍ سان ووٽ آساني سان وصول ڪن ٿا.

جنهن اليڪشن ۾ پابندي مڙهيل تنظمين کي ايتري آزادي هجي ته اتي اهي سوال هزار ڀيرا جنم وٺندا ته اتي اليڪشن ڪميشن ڪٿي آهي؟ اتي حڪومت ۽ قانون سازي ڪٿي آهي؟ اتي انتظاميا جو هجڻ سوال آهي؟اليڪشن ڪميشن پاران اهڙين دهشتگرد تنظيمن خلاف آخر اهڙي جاندار قانون سازي ڇو نه ڪئي وئي آهي جيئن اليڪشن جهڙي عمل کي دهشتگرديءَ واري سڃاڻپ کان آزاد ڪري سگهجي. اليڪشن ته اهو عمل آهي جنهن سان جمهوريت جو نالو نشان مان مرتبو مٿانهون ٿئي ٿو پر جنهن اليڪشن ۾ دنيا اندر دهشتگرد پابندي مڙهيل مذهبي تنظيمن جو ايترو اثر هجي، اها اليڪشن هڪ جمهوريت نه پر هڪ مذهبي انتها پسنديِ کي هٿي ڏيندي نظر اچي ٿي، اليڪشن ته جمهوري تڏهن سمجهڻ گهرجي جڏهن اسان انهيءَ اليڪشن ۾ غير جمهوري ۽ دهشتگرد قوتون پري پري کان به نه ڏسون، انهن خلاف سختيءَ سان نه رڳو قانون سازي هجي پر انهيءَ قانون سازيءَ تي عمل به هجي ته ڪو به مذهبي انتهاپسند ملڪ دشمن دهشتگرد مذهب جو نالو وٺي دهشتگرديءَ کي مضبوط نه بڻائي. پوري دنيا ۾ ڏٺو ويو آهي ته جتي سياست ۽ مذهب جو ڳانڍاپو آهي، جتي رياست جو مذهب مجبور آهي، اتي اهڙا انساني حقن جا هاڃا ٿين ٿا اتي اهڙا دهشتگردي جا واقعا ٿين ٿا، اتي انسانيت جا حق محروم رهن ٿا ۽ پوري دنيا ۾ اهي ملڪ ڪڏهن به ترقي نٿا ڪري سگهن جتي سياست ۽ مذهب جو ناني ويڙهو آهي.

اسان ڏٺو آهي ته پوري دنيا ۾ جتي سياست ۽ مذهب الڳ آهي، جتي رياست ۽ مذهب جو پري پري کان به تعلق نه آهي اهي ملڪ نه صرف ترقيءَ تي آهن پر انهن ملڪن ۾ انتهاپسنديءَ جي بوءِ به نه آهي ۽ اتي مذهبي انتها پسنديءَ جو به پري پري تائين ڪو وجود ڏسڻ ۾ نٿو اچي، انهيءَ مان واضع ٿئي ٿو ته جڏهن سياست ۽ مذهب گڏ ٿين ٿا جڏهن رياست ۽ مذهب هڪ ٿين ٿا ته اهي ملڪ انساني حقن جي هر سڃاڻپ کان محروم رهي، رڳو پنهنجي سڃاڻپ انتهاپسند ئي اڳتي آڻي سگهن ٿا.

اسان جي لکيل پڙهيل معاشري هميشه اهو مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ جي ترقيءَ کي ڏسڻو آهي اليڪشن کي صاف سٿرو بڻائڻو آهي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته يقين ڪيو اسان جو ملڪ هر برائي کان محفوظ رهندو، اسان وٽان دهشتگرديءَ جو نالو نشان ختم ٿي ويندو، اسان وٽان مذهبي انتها پسنديءَ جي پاڙ پٽجي پوندي ۽ اسان هر لحاظ کان خوشحال ٿي وينداسين.  سڄي ملڪ ۾ اليڪشن جي تاريخ اچڻ سان ئي هڪ ڀيرو ٻيهر پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيمون مختلف نالا ۽ چهرا  بدلائي اليڪشن ۾ بيهڻ، ٻين جي مدد ڪرڻ، مختلف سياسي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ ۽ اليڪشن جي نالي تي چندا گڏ ڪرڻ لاءِ ميدان تي اچي چڪيون آهن، جنهن سبب وري اهو ئي خوف ۽ حراس وارو ماحول تيار ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي، جنهن ماحول کي هو پيدا ڪري دهشتگردي کي هٿيار بڻائي مذهب جي نالي تي ووٽ چندو ۽ مدد وٺندا رهندا آهن، اهو سلسلو ملڪ ۾ مسلسل پنجاهه سالن کان هلندو پيو اچي.

ملڪ ۾ جن دهشتگرد تنظيمن مذهب جي نالي تي نه رڳو انتها پسنديءَ جي باهه ٻاري پوري ملڪ کي تباهه ڪيو پر انهن پابندي مڙهيل تنظمين غير قانوني مختلف نالا بدلائي چهرن تي مختلف ماسڪ پائي اليڪشن جو حصو به رهندا رهيا. ڪٿي هو اليڪشن ۾ پاڻ بيهندا رهيا، ڪٿي هو مذهب کي اڳتي ڪري پاڻ ٻين جي مدد ڪندا آيا، ڪٿي هو انتها پسندي جو سهارو وٺي انتها پسنديءَ جي باهه ٻاريندا رهيا، ڪٿي هو اليڪشن مهم ۾ هٿيارن ۽ مذهب جي نالي تي ڪروڙين رپيا چندا وصول ڪندا رهيا، اهڙي طرح پابندي مڙهيل تنظيمون ڏينهون ڏينهن مضبوط به ٿينديون ويون ۽ مالي طور سگهاريون به ٿينديون ويون، جنهن جو ملڪ تي اهو اثر پيو جو هنن پوري ملڪ ۾ انتها پسنديءَ جي باهه ٻاري ڏني. هنن پوري ملڪ ۾ مختلف نالن سان دهشتگرد تنظيمون ٺاهي پوري ملڪ کي انتها پسندي ۽ دهشتگرديءَ جو طالبنائيزيشن بڻائي ڇڏيو، هڪ منظم سازش تحت ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي ۾ هٿي ڏني پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گھڻ براعظمي ايشيائي دنيا خلاف يورپي-آمريڪي براعظمي سرمائيداري جارحيت

پريم مٿراڻي ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ، خاص طرح ايشيا ڇو عالمي سماجي سياسي ۽ معاشي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے