19 اربع , سيپٽمبر 2018

اليڪشني سياست ۾ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت 

احمد علي نوناري

انساني تاريخ ۾ ھڪڙو اھڙو زمانو به گذريو آهي جنهن ۾ اليڪشن يا ووٽ ڏيڻ وٺڻ جو ڪو به رواج نه هوندو هئو. نه وري ان جي ڪا ضرورت محسوس ڪئي ويندي هئي. البت جڏھن کان انساني سماج طبقن ۾ تقسيم ٿيو آهي تڏهن کان هڪڙن ماڻهن جي ٻين تي حاڪميت جو تصور به حقيقت بڻيو ته وري ان حاڪميت کي قائم رکڻ لاءِ اتحادين ۽ صلاحڪارن جي ضرورت به پيش اچڻ لڳي جنهن ڪري اشرافيا جي جمهوريت وغيره جي صورت ۾ اوائلي طبقاتي سماجن کان وٺي اليڪشن، جمهوريت توڙي ووٽ جي اهميت ۽ طاقت جو احساس هوريان هوريان اجاگر ٿيڻ لڳو هئو. پر ان زماني واري جمهوريت جي جيڪا شڪل هئي، ووٽن جي ريت جهڙي نموني جي هئي ان ۾ عام جنتا ۽ خاص ڪري عورتون ووٽ توڙي ڪنهن به قسم جي راءِ ڏيڻ جي حق کان محروم رکيون وينديون هيون. ساڳي حالت غلامن جي به هوندي هئي.

اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ به ورهاڱي کانپوءِ چونڊن جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو مختلف ارتقائي مرحلا طي ڪندو اچي اڄوڪي حالت ۾ پهتو آهي. اليڪشني سياست ۾ سياسي جماعتن پاران نامزد ڪيل توڙي آزاد اميدوار جي حيثيت سان چونڊون وڙهندڙ اميدوارن جي ڪاميابي توڙي ناڪاميءَ جو دارومدار انهن ووٽن تي هوندو آهي جيڪي کين ملندا آهن يا وري سندن مخالف اميدوار کي ملندا آهن.

پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ ماڻهو ڊگهي عرصي کان ووٽ ڏيندا پيا اچن ۽ ووٽ ڏيڻ توڙي نه ڏيڻ جي نفعي نقصان بابت آگاهي به رکن ٿا پر بهرحال جنهن سطح جي سياسي شعور جي ضرورت آهي اهو هن ملڪ جي عوام وٽ اڃان تائين نه اسري سگهيو آهي.

خاص ڪري سنڌي سماج ۾ ان شعور جي تمام گھڻي کوٽ آهي. جنهن ڪري هتي گذريل 40 سالن کان وٺي هڪڙي ئي سياسي پارٽي ڪنهن نه ڪنهن نموني اقتدار ۾ رهندي آئي آهي. جنهن کي عوام خبر ناهي ڪهڙين مجبورين تحت خواهه مخواهه چونڊيندو رهيو آهي. حالانڪه ان پارٽيءَ جي حڪمرانيءَ منجهان عوام کي ڪو فائدو به نه پيو آهي.

سنڌ جي اها بدقسمتي چئجي جو جتي سنڌ جو وڏيرو، مير، پير، ڀوتار ۽ سردار موقعي پرست، مفاد پرست ۽ ويڪائو آھي اتي سنڌ جو مڊل ڪلاس به گهڻو تڻو مفاد پرست، موقعي پرست ۽ لالچي رهيو آھي. اهو به قومي ۽ اجتماعي مفادن بجاءِ ذاتي ۽ انفرادي فائدن لاءِ وڏيراشاهي ۽ ڀوتارڪي شڪنجي ۾ جڪڙيل رهيو آھي۔

گھڻن اٻوجھه ماڻھن جو خيال آھي ته ووٽ مرشد جي امانت آھي. ان ڪري ووٽ پاڻ مرشد کي يا وري ان جي چوڻ تي ئي ڏبو. جيڪڏھن مرشد جي چوڻ تي ووٽ نه ڏنوسين ته پوءِ مرشد جا نافرمان ٿي پونداسين. ڪجھه ماڻھن جو وري اهو خيال آھي ته ووٽ اسان جي ڀوتار جي امانت آھي سو جيڪڏھن ووٽ ڀوتار کي نه ڏنوسين ته اها وڏڙن جي ريتن رسمن جي خلاف بغاوت هوندي. انهن ماڻهن جو خيال آهي ته ڀوتار ڀل کين ڪجھه ڏئي توڙي نه ڏئي پر ووٽ ڀوتار جو ئي آھي. مرشدن ۽ ڀوتارن جي امانت سان گڏوگڏ سنڌ اندر ووٽ ڀٽي صاحب جي امانت به آھي. سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏئي ڀٽي صاحب جو قرض لاهڻ وارو تصور به ڪافي پراڻو ۽ پختو آهي. چوڻ جو مقصد اهو ته ووٽ ڏيندڙ ماڻهو ڪنهن سياسي پارٽي يا سياسي پروگرام کي سمجهي، قبولي ۽ ان جي موٽ ۾ ووٽ ته ڏئي ئي ڪو نه ٿو. ان وٽ مختلف قسم جا وهم وسوسا پختا ٿيل آهن.

سنڌ جي ڀوتارن، وڏيرن ۽ سردارن جي هميشه کان اها سازش رهي آھي ته سنڌ جي عوام کي تعليم کان محروم رکيو وڃي ته جيئن سنڌين جي سوچڻ سمجهڻ جي سگھه ختم ٿي وڃي ۽ اسان جا دائمي غلام بڻجي وڃن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏھن تعليم هوندي ته شعور هوندو ۽ شعور هوندو ته سياسي ۽ سماجي سجاڳي پيدا ٿيندي. جيڪا ڀوتارڪي نظام کي قابل قبول ناهي. تڏھن ئي ته سنڌ جا اڪثر ننڍا وڏا اسڪول ۽ ڪاليج ڀوتارن جون اوطاقون ۽ مال جا واڙا بڻيل آھن۔ تعليم جو نه هجڻ به اسان جي علائقي جي ووٽر کي حقيقي شعور ۽ ووٽ جي سگهه کي نه سمجهي سگهڻ جو سبب بڻجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو مجموعي طور تي سموري ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ اندر موروثي سياست جو رواج عام آهي.

سنڌ جي ماڻهن پيپلز پارٽيءَ کي چونڊن ۾ هر ڀيري سوڀارو ڪيو آهي پر موٽ ۾ کين مليو ڪجهه ڪونهي. سنڌ جو عوام بکن، ڏکن ۽ تڪليفن ۾ زندگي گهاري رهيو آهي. ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين عوام اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آھي. اڄ به اڪثر هنڌن تي روڊ ڀڳل ٽٽل آھن. اڪثر صحت مرڪزن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ آهي. هزارين اسڪول اڄ به بند پيل يا بنيادي سهولتن کان محروم آهن. سنڌ جا اڪثر علائقا پيئڻ جي صاف پاڻي کان وانجهيل آھن۔ لکين نوجوان اڄ به نوڪرين ۽ روزگار کان محروم ۽ پريشان آھن. ڪيترن نوجوانن غربت ۽ بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي خود ڪشيون ڪري ڇڏيون ته ڪي وري پنهنجون تعليمي سندون ساڙي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته سالن جا سال انتظار ڪرڻ باوجود کين روزگار نه ملي سگهيو آهي.

اليڪشن ويجهو اچڻ سان ئي اهي ڀوتار پنهنجي وڏين گاڏين ۾ چڙهي انهن ماڻهن جي عذر خواهين ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن جن کي مئي ڪي سال ٿي ويا آهن. حالانڪه نه هيءَ پهرين اليڪشن آهي نه وري ڀوتارن جو پهريون ڀيرو اهڙو عمل سامهون آيو آهي. هر ڀيري هُو ائين ئي ڪندا آهن ۽ اسان هر ڀيري کين اکيون پوري ووٽ ڏئي ڇڏيندا آهيون. اليڪشن وقت اٻوجھه ۽ سادن ماڻھن کي ائين لڳندو آھي ته اهي ڀوتار اسان منجهان ئي آھن پر جڏھن اليڪشن جو دور گذري ويندو آھي ته هُو اهڙي هنڌ هليا ويندا آھن جتي اسان جي ڪوڪ به انهن تائين پهچي نه سگهندي آھي. اليڪشن کان پوءِ ڀوتار پنهنجي عاليشان بنگلن ۽ عيش واري زندگيءَ ۾ مصروف ٿي ويندا آھن. اليڪشن کان پوءِ اسان سندن راھ تڪيندا رهندا آھيون پر اسان کي خبر ئي نه پوندي آھي ته هو ڪٿي آھن؟

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چوندو هئو ته طاقت جو سرچشمو عوام آھي. ڀٽو صاحب ووٽ جي طاقت ۽ اهميت کان واقف هئو. اڄ ڀوتار نه چاهيندي به مظلوم عوام جي دروازي تي اچي رهيا آھن ته اها ووٽ جي طاقت ۽ اهميت ئي آھي جنهن طاقت کي سنڌ جي عوام کي سمجھڻ ۽ محسوس ڪرڻ گهرجي۔

سنڌ جو وڏيرو ۽ ڀوتار موسمي ڏيڏر جيان آھي جيڪو رڳو ڪنهن خاص وقت تي ئي ظاهر ٿيندو آهي. ڀوتار ۽ وڏيرا هر دور ۾ اڀرندڙ سج جا سلامي رهيا آھن ڇاڪاڻ ته کين ڪنهن به قيمت تي اقتدار حاصل ڪرڻو هوندو آهي. اهي ڀوتارَ غريب ۽ مظلوم عوام جو آواز ۽ سهارو ڪيئن ٿا بڻجي سگهن؟  اها سٺي ڳالهه آهي ته هيءُ دور اونداهيءَ جو دور ناهي. بلڪه سجاڳي وارو دور آھي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کانپوءِ سوشل ميڊيا جي متحرڪ ڪردار چڱن ڀلن کان پگهر ڪڍي ڇڏيا آھن. اڳ ۾ جن ادارن ۽ شخصيتن خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ مشڪل هوندي هئي، اڄ سوشل ميڊيا ذريعي انهن تي کرا تبصرا ۽ تبرا ڪيا پيا وڃن.

هن ڀيري سنڌ جي عوام کي به پنهنجو مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ هڪ ايجنڊا جوڙين جنهن تحت ئي اميدوارن کي ووٽ ڏين ته ڪنهن به عوام دشمن، ۽ ڌرتي واسين جي دشمن کي ووٽ نه ڏنو ويندو. هن ڀيري ڪجھه تڪن تي مڊل ڪلاس جا اميدوار چونڊ وڙھي رهيا آھن. جنهن ۾ عوامي ورڪرز پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ، ايس. يو. پي توڙي قومي عوامي تحريڪ وغيره جا اميدوار بيٺل آھن. ان ڪري عوام کي گهرجي ته اھڙن اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن. جيڪي باشعور، باڪردار، پڙھيل لکيل هجن. جيڪي عوام جي ڏکن سکن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جي سگھه رکن. اھڙي اميدوار کي ووٽ ڏجي جيڪو اسيمبليءَ ۾ عوام جي حقن جو تحفظ ڪري سگهي. جيڪو ترقي پسند ۽ روشن خيال هجي. جيڪو سماج منجهان طبقاتي فرق جي خاتمي جي جدوجهد ڪندو هجي. اهڙي اميدوار کي ووٽ ڏجي جيڪو طاقت جو سرچشمو صوبيدار کي نه بلڪ عوام کي سمجهي. اهڙو اميدوار چونڊڻ گهرجي جيڪو حقيقي معنى ۾ عوام جو خادم بڻجي عوام جي خدمت ڪري. جيڪو پنهنجي تڪَ جي ترقيءَ لاءِ مليل سرڪاري  وسيلا ۽ فنڊ سموري تڪ جي شھرن ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ڪري. جيڪو عوام کي اسپتالون، اسڪول، ڪاليج ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي فراھم ڪري سگهي ۽ پنهنجي تڪ جي عوام کي بنيادي سهولت مهيا ڪري ته اھڙي اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري هر تڪ تي اھڙي اميدوار جي چونڊجي اچڻ سان سنڌ سنوارڻ جو خواب پڻ ساڀيان ٿي سگهي ٿو. ٻِي صورت ۾ ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگھه۔

هي به ڏسي سگهو ٿا

قرآن جي سائنس پاڻي کي اسٽور ڪرڻ کان روڪي ٿي

عزيزالله  ٻوهيو هن ڳالهه جو ثبوت قرآن منجهان ملي ٿو ته پاڻيءَ کي ڊيم ٺاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے