21 جمعو , سيپٽمبر 2018

شاهين شاهه آفريدي ڪينگروز بيٽنگ لائن کي تباهه ڪرڻ تي خوش

Shaheen Shah Afridi kangroz Happy to destroy the shooting lineهراري (اسپورٽس نيوز) شاهين شاهه آفريدي آسٽريلوي پاور هٽرن کي قابو ڪرڻ تي خوش آهي. ٽي ملڪي ٽي ٽوئٽي سريز جي ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوان فاسٽ بالر چيو  آهي ته ايرون فنچ ۽ گلين ميڪسويل ٻئي خطرناڪ بيٽمسمين آهن، ٻنهي کي جلد آئوٽ ڪرڻ لاءِ بالنگ ڪوچ اظهر محمود هدايتون ڏنيون، اهڙين هدايتن کي نظر ۾ رکندي ڪوشش ڪئي ۽ ڪامياب ملي، فائنل ۾ ايرون فنچ کي قابو ڪرڻ جي عزم لاءِ بالنگ ڪندس. شاهين شاهه آفريدي چيو ته پي ايس ايل ۾ اسٽار ڪرڪيٽرن سان ميچون کيڏڻ جو فائدو اهو ٿيو ته عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڪو به اضافي دٻاءُ محسوس نه ڪيم. آسٽريلوي ٽيم ۾ وڏا نالا هئڻ باوجود پريشاني نه هئي.  هڪ سوال جي جواب ۾ شاهين شاهه چيو ته ميدان ۾ سيءُ گهڻو هو پر مناسب وارم اپ سبب ڪا به پريشاني نه ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے