25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

برابريءَ جي بنياد تي ڪم ڪرڻ کانسواءِ نظام ڪڏهن به ڪامياب ٿي نٿو سگهي: امريڪي قونصل جنرل

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاران جيل کاتي جي عملدارن جي تربيت لاءِ اڪيڊمي تعمير ڪرڻ جي شروعات حيدرآباد ۾ پيڙهه جو پٿر رکڻ دوران آمريڪي قائونصل جنرل جواين وئگنر ۽ صوبي ۾ جيل کاتي جي آءِ جي نصرت حسين مڱڻ پاران انصاف واري نظام ۾ جيل کاتي جي ڪردار تي روشني وڌي وئي.قائونصل جنرل وئگنر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته، ”اصلاحي مرڪز ڪنھن ٽپائي جي نظرانداز ٿيل پائيي مثل آھن. پوليس، پراسيڪيوٽر ۽ جيل جي عملدارن پاران گڏجي برابريءَ جي بنياد تي ڪم ڪرڻ کانسواءِ نظام ڪڏهن به ڪامياب ٿي نٿو سگهي. ان حوالي سان آمريڪي حڪومت سنڌ سان گڏ آهي، ۽ هاڻوڪن سالن دوران سنڌ جيل کاتي جيڪي ڪم ڪيا آهن، انهن کي مڃتا ڏئي ٿي. تربيت جي حوالي سان هيءَ نئين سهولت سنڌ جي جيلن واري انتظام کي جديد ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي، جنهن ۾ انساني حقن ۽ تشدد آميز انتها پسنديءَ کي منهن ڏيڻ وارن معاملن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو “ هيءُ نئون تربيتي ادارو 175000000 رپين جي الاڳت سان 2020ع تائين مڪمل ٿي ويندو، جنهن ۾ سنڌ جي جيل کاتي ۾ ايندڙ نون ملازمن کي تربيت ڏني ويندي، جڏهن ته اڳواٽ موجود عملي کي پڻ جديد تربيت فراهم ڪئي ويندي. آمريڪا سمجهي ٿو ته صلاحيتون وڌائڻ جي حوالي سان پاڪستان جهڙي اتحادي سان گڏجي سرگرميون جاري رکڻ جي وڏي اهميت آهي، ۽ اسان اڳواٽ ئي 2013ع کان وٺي سنڌ جي جيل کاتي سان لاڳاپيل 77 عملدارن جي تربيت لاءِ مالي سهڪار ڪري چڪا آهيون.واڌو سهولتون فراهم ڪرڻ سان اڪيڊميءَ ۾ اهو ممڪن ٿي سگهندو ته موجوده صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ هڪ ئي وقت جيل جي 600 عملدارن کي تربيت فراهم ڪري سگهجي. تربيت اڪيڊمي جي سهولتن ۾ ڪلاس روم، لائبريري، ڪمپيوٽر ليب، هڪ آڊيٽوريم ۽ رهائش لاءِ ڪوارٽرز به فراهم ڪيا ويندا، جتي سنڌ ۽ بلوچستان جي جيل کاتي جي عملدارن کي تربيت ڏني ويندي.قائونصل جنرل جواين وئگنر ڪراچيءَ کان ٻاهر پنهنجي پهرين دوري دوران ترقيءَ توڙي سفارتي حوالي سان گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن تي ڳالهائڻ لاءِ حيدرآباد جي ميئر ۽ صوبي جي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سان پڻ ملاقات ڪئي، ان سان گڏ صحت کاتي جي ٻين ضلعي عملدارن سان پڻ ملاقات ڪئي وئي.اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ماتحت ڪم ڪندڙ انٽرنيشنل نارڪوٽڪس اينڊ لا انفورسمينٽ افيئرس بيورو پاران 2014ع کان سنڌ جي جيل کاتي سان گڏ ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي. امريڪا جو اهو ادارو ڏوهن ۽ ڪرپشن سان منهن ڏيڻ، نشي سان لاڳاپيل ڏوهن جي خاتمي، پوليس ادارن جون صلاحيتون وڌائڻ توڙي قانونن ۽ نظام کي فروغ ڏيڻ لاءِ 90 ملڪن سان گڏجي انهن جي حڪومتن جي مدد ڪري رهيو آهي. آءِ اين ايل بابت وڌيڪ معلومات لاءِ هن ويب سائيٽ تي وڃي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shikarpur: Due to power failure, 4 children of the same family were injured and injured

شڪارپور: بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ٻارڙا سڙي زخمي، اسپتال منتقل

شڪارپور( ويب ڊيسڪ ) ۾ گهر جي مٿان گذرندڙ هاءِ ٽينشن لائين جون تارون ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے