24 سومر , سيپٽمبر 2018

راندين وسيلي سفارت سان سڄي دنيا ۾ امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام پهچائي سگهجي ٿو: لوري فيئر ۽ ٽوني ساني

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) امريڪا جي اڳوڻن فٽبالرن لوري فيئر ۽ ٽوني ساني چيو آهي ته راندين وسيلي سفارت سان سڄي دنيا ۾ امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام پهچائي سگهجي ٿو. پاڪستان ۾ فٽبال راند جي شعبي ۾ تمام گهڻو ٽئلينٽ موجود آهي، پر سهولتن جي کوٽ سبب ٽئلينٽ ضايع ٿي وڃي ٿو، پاڪستان اندر راندين جي شعبي ۾ سيڙپ وڌائي ، رانديگرن جو ٽئلينٽ اڀاري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن امريڪي سفارتخاني جي پروگرام راندين وسيلي سفارت تحت پاڪستان جي دوري دوران ڪراچيءَ ۾ هڪ انٽرويو دوران ڪيو. هنن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو تمام گهڻا مهمان نواز آهن. پاڪستان ۾ نه رڳو شهرن پر ٻهراڙين ۾ به تمام گهڻو ٽئلينٽ موجود آهي. جنهن کي ڪارگر ڪرڻ لاءِ نوجوانن تي ٿوري محنت جي گهرج آهي. لوري فيئر چيو ته منهنجي لاءِ اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ جي شهرن سان گڏ ٻهراڙين جون ڇوڪريون به صلاحيت واريون آهن. انهن کي فٽبال جهڙي راند سان ڏاڍي دلچسپي آهي. هن چيو ته انهن ڇوڪرين ۾ تيزيءَ سان سکيا جو جذبو آهي. ٽوني ساني چيو ته پاڪستان جي نوجوانن جي ٽئلينٽ کي اڀارڻ لاءِ ضروري آهي ته راند جي ميدان ۾ وڌيڪ سيڙپ ڪئي وڃي. جنهن سان نوجوانن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. هنن چيو ته سڄي دنيا ۾ فٽبال راند هڪ جيتري مقبول آهي. ان کي امن ۽ ڀائيچاري جي واڌ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هنن چيو ته راندين وسيلي سفارتڪاري سڄي دنيا کي پر امن بڻائي سگهي ٿي. واضح رهي ٻئي اڳوڻا ناميارا فٽبالر ۽ هاڻوڪا ڪوچ امريڪي سفارتخاني جي اسپورٽس انواءِ پروگرام هيٺ پاڪستان جي دوري تي آيل هئا ۽ هنن پاڪستان جي دوري دوران هنن اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ فٽبالرن کي فٽبال جي بنيادي تربيت ڏني. امريڪي سفارتخاني جي اسپورٽس انواءِ پروگرام هيٺ امريڪا جا مشهور رانديگر مختلف ملڪن ۾ وڃي راندين جي تربيت ڏيندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجودا رانديگرن کي افغان پريميئرليگ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فيصلو ڪيو آهي ته رٽائر ڪرڪيٽر ئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے