25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

فواد حسن فواد 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

Former Prime Minister Nawaz Sharif's personal secretary Fodad Hassan Fawad is offered in court

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پرسنل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو. آشيانا هائوسنگ اسڪيم ۾ پن پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏيڻ ۽ قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچائڻ جي الزام ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پرسنل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو . نيب احتساب عدالت کان سندس 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ جي درخواست ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر وارث علي جنجوعا دليل ڏنا. نيب پراسيڪيوٽر جي درخواست منظور ڪندي عدالت فواد حسن فواد کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي فواد حسن فواد چيو ته منهنجو ڪم رڳو وزيراعظم جي حڪم تي عملدرآد ڪرائڻ هو، ٺيڪو رد ٿيڻ جو ڪو به حڪم نه ڏنو آهي، مارچ 2013ع بعد پنجاب حڪومت ۽ پي ايل ڊي سي سان به ڪو تعلق نه رهيو آهي، نيب جا دليل قبولڻ جوڳا نه آهن.هن چيو ته پي ايل ڊي سي آفيسرن جي بيان تي منهنجي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، ڏوهارين جي بيان تي مون کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو آهي ته توهان جي مرضي آهي، مان ٺيڪو رد ٿيڻ جي جاچ رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي. فواد حسن فواد جي وڪيل چيو ته گهران کاڌو گهرائڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيڪڏهن نيب وٽ رڪارڊ آهي ته جسماني رمانڊ ڇو گهري رهيا آهن. هن چيو ته اسان فواد حسن فواد جي ميڊيڪل بابت به درخواست ڏني آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف الرحمان جي  ويئر هائوس مان 20 قيمتي گاڏيون هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽمز انٽيليجنس روايت ويجهو مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سينيٽر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے