26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڏهرڪي:پ پ خلاف  هميشه ڪنهن ٻئي جي حڪم تي ڪٽ پتلي اتحاد ٺهيا آهن:بلاول

Daharki: There are so many people against PPP :Bilawal*ڏهرڪي  ۾ چونڊ ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽوزرداري چيو ته عوام پ پ سان محبت ڪري ٿو ان ڪري ته تتيءِ اس ۾ به ماڻهو سندس انتظار ڪن ٿا .

باگو ڀٽو  ۽ باءِ پاس وٽ ميڙاڪن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته عوام جو پ پ پ سان عشق آهي هتان جي ماڻهن 88 ۾ شهيد بينظير جو به شاندار استقبال ڪيو .

هن چيو پيپلز پارٽي جي خلاف هميشه ڪٽ پتلي اتحاد ٺهيا آهن جيڪي ڪنهن ٻئي جي حڪم تي هلندا آهن

هن چيو ته سندن  منشور مسڪين ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ڪرڻ آهي

 هن چيو ته  پ پ حڪومت بينظير هاري ڪارڊ غريب هارين کي ڏيندي ھارين کي بنا وياج جي قرض ڏيندي ۽  عوام جي انشورنس ٿيندي

هن چيو ته  مراد علي شاهه ۽ قائم علي شاه جي دور ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا.

  بلاول ڀٽي چيو ته  هو  شهيد بينظير ڀٽو  جو مشن کڻي مڪمل ڪرڻ لاءِ نڪتو آهي ۽ ان کي مڪمل ڪري ڏيکاريندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات ٻارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-25

*ڀرياسٽي: اغوا ٿيل ڪنڊياري واسي نوجوان جي آزادي لاءِ وارثن پاران احتجاج *ٺٽو: پوليس جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے