21 جمعو , سيپٽمبر 2018

اسان جو مقابلو خانداني سياست سان آهي، 25 جولاءِ تي ملڪ جو رُخ موڙي ڇڏيو: عمران خان

چارسدا (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري عوام جو پئسو ٻاهر منقتل ڪيو، اسان ڪرپشن خلاف ڪم ڪندڙ ادارن کي مضبوط ڪنداسين. چارسدا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته چونڊن ۾ قوم جو پئسو ڦريندڙن کي شڪست ڏيڻي آهي، مريم نواز هڪ ڪلاڪ ڪم ناهي ڪيو ۽ وزيراعظم بڻجڻ ٿي چاهي، کيس ڪهڙي خبر محنت ڇا هوندي آهي، ڪم ڪيئن ٿيندو آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جو پٽ ۽ ڀاءُ به ليڊر آهي، ڇا توهان جي پارٽين ۾ مائٽن کانسواءِ ڪو ٻيو ليڊر آهي؟ اها خانداني سياست آهي، ان ۾ ميرٽ ناهي. سندس چوڻ هو ته اسان ميرٽ جو قتل ڪيو، رڳو مائٽن کي ڀرتي ڪيو، اڄ بهترين پاڪستاني ٻاهر ڪم ڪري رهيا آهن، ڇو ته هتي ميرٽ ناهي، الله تقدير تبديل ڪرڻ جو ڪڏهن به موقعو ڏيندو آهي، الله موقعو ڏنو آهي، 25 جولاءِ تي ملڪ جو رُخ موڙي ڇڏيو. عمران خان چيو ته ملڪ تي 27 هزار ارب رپين جو قرض آهي، 10 سالن ۾ قرض 6 اربن کان 27 هزار رپين تائين پهچي ويو، پڇو ته اهو پئسو ڪيڏانهن ويو، ڇا ڊيم ٺهيا ۽ بجلي پيدا ٿي؟. تحريڪ انصاف سربراهه چيو 3 سئو ارب چوري ڪندڙ چوي ٿو پاڪستان اچان ته پوءِ فيصلو ٻڌائجو، نواز شريف سڀاڻي توهان جو فيصلو ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے