20 خميس , سيپٽمبر 2018

گڏاڻي، ڊمپ ۽ ڪنڊ ملير جي ڪنارن تي داخلي، وهنجڻ ۽ تَرڻ تي پابندي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت گڏاڻي، ڊمپ ۽ ڪنڊ ملير جي ڪنارن تي داخلي، وهنجڻ ۽ تَرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. صوبائي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اڄڪلهه سمنڊ ۾ بلند ۽ خطرناڪ ڇوليون هلي رهيون آهن، جيڪي اتي پڪنڪ ملهائڻ ۽ ماهيگيري لاءِ ويندڙ ماڻهن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي مختلف حصن خاص طور ڪراچي کان گڏاڻي، ڊمپ ۽ ڪنڊ ملير جي ڪنارن تي تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهن جي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ، وهنجڻ ۽ تَرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. اها پابندي قلم 144 تحت لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙ خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے