20 خميس , سيپٽمبر 2018

ن ليگ جو منشور پيش، ڊيم پهرين ترجيح آهن: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف پنهنجي پارٽيءَ جو چونڊ منشور پيش ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ پارٽي منشور پيش ڪندي شهباز شريف چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آهي، ڀارت ڏاڍ تي ڊيمن مٿان ڊيم ٺاهي رهيو آهي، تنهن ڪري ديامير ڀاشا ڊيم اسان جي پهرين ترجيح آهي. هن سمورين ڌرين کي چونڊن کانپوءِ فوري طور ڀاشا ڊيم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته ڊيمن لاءِ چندو به گڏ ڪرڻو پوي ته ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ايندڙ حڪومت ۾ موقعو مليو ته اسان گذريل حڪومت ۾ جاري ڪيل هيلٿ ڪارڊ کي سڄي ملڪ تائين پکيڙينداسين، هر اسڪول ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل سينٽر ٺاهينداسين، ٻهراڙين ۾ اينگرو بيس انڊسٽري لڳائينداسين ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪنداسين. شهباز شريف اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي پيش ڪندي چيو ته 2013ع ۾ بجلي بحران ۽ امن امان وڏو مسئلو هو پر نواز شريف واعدو ڪيو هو ته بجلي بحران جو خاتمو آندو ويندو، اسان 5 ورهين ۾ 11 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي، ايل اين جي منصوبن ذريعي 5 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ آئي، ن ليگ نيلم جهلم منصوبي تي عمل ڪيو، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شمسي توانائي تي هلندڙ منصوبا لڳايا ويا، جڏهن ته تربيلا فور سان هڪ هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي. هن چيو ته اسان ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ امن قائم ڪرايو، نواز شريف هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيو ۽ حڪومت زراعت کي مضبوط ڪيو، هارين کي بنا سود قرض ڏنو ويو، 5 ورهين دوران پنجاب ۾ روڊن تي سئو ارب رپيا خرچ ڪيا ويا. ن ليگ صدر چيو نيب کي چئلينج ڪيان ٿو ته هڪ ٽڪي جي به ڪرپشن ثابت ڪري ڏيکاري، پاڪ – چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي سيڙپڪاري تي به ڪو اعتراض نٿو واري سگهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے