22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪراچي شهر ۾ چونڊ واري ڏينهن 32 هزار 849 اهلڪار مقرر هوندا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي شهر ۾ چونڊن واري ڏينهن 32 هزار 849 اهلڪار مقرر هوندا، جڏهن ته 1181 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس ۽ 2670 حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ڪراچي ۾ عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ چونڊ واري ڏينهن 32 هزار 849 اهلڪار مقرر هوندا، جڏهن ته 10 هزار قومي رضاڪارن يا سيڪيورٽي گارڊن جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. اليڪشن ڪميشن موجب سيڪيورٽي پلان ۾ اوڀر ضلعي ۾ 112 پولنگ بلڊنگون ۽ 254 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس، جڏهن ته 117 پولنگ بلڊنگز ۽ 220 پولنگ اسٽيشنز حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ملير ضلعي ۾ 18 پولنگ بلڊنگز ۽ 24 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس قرار، جڏهن ته 105 پولنگ بلڊنگز ۽ 138 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. ڪورنگي ضلعي ۾ 138 پولنگ بلڊنگز ۽ 262 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس، جڏهن ته 206 پولنگ بلڊنگز ۽ 363 پولنگ اسٽيشنز حساس آهن. سينٽرل ضلعي ۾ 63 پولنگ بلڊنگز ۽ 223 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس، 278 پولنگ بلڊنگز ۽ 747 پولنگ اسٽيشنز حساس، ضلعي اولهه ۾ 123 پولنگ بلڊنگز ۽ 215 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس، 440 پولنگ بلڊنگز ۽ 747 پولنگ اسٽيشنز حساس، ڏکڻ ضلعي ۾ سموريون پولنگ بلڊنگز ۽ اسٽيشنز انتهائي حساس ۽ حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ضلعي سٽي ۾ 84 پولنگ بلڊنگز ۽ 138 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس، جڏهن ته 236 پولنگ بلڊنگز ۽ 363 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. سيڪيورٽي پلان بي موجب شهر ۾ 633 پولنگ بلڊنگز ۽ 991 پولنگ بوٿ نارمل قرار ڏنا ويا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس خلاف گٿا لفظ استعمال ڪرڻ تي فيصل رضا عابدي تي دهشتگردي جو ڪيس داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف گٿا لفظ استعمال ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے