21 جمعو , سيپٽمبر 2018

قومي ٽيم آسٽريليا کي شڪست ڏئي حساب برابر ڪري ڇڏيو

هراري (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽه ملڪي سيريز ۾ کيڏيل پنهنجي آخري رائونڊ ميچ ۾ آسٽريليا کي 45 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. زمبابوي جي شهر هراري ۾ هلندڙ ٽه ملڪي سيريز جي پنجين ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات حارث سهيل ۽ فخر زمان ڪئي پر حارث سهيل هڪ ڀيرو ٻيهر متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ فخر زمان ۽ حسين طلعت ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور 80 تائين پهچائي ڇڏيو. حسين طلعت 25 بالن تي 30 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته فخر زمان جارحاڻي بيٽنگ ڪندي رڳو 42 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 73 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڪپتان سرفراز احمد 14 رنسون ٺاهي سگهيو، جڏهن ته آخر ۾ شعيب ملڪ ۽ آصف علي تيز ترين بيٽنگ ڪندي آسٽريليا کي وڏو ٽارگيٽ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار نڀايو. شعيب 15 بالن تي 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته آصف علي 18 بالن تي 37 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيو. قومي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 149 رنسون ٺاهي سگهي. ڊارسي شارٽ 28، ڪپتان فنچ 16، ٽريوس هيڊ 7، گلين ميڪسويل 10، ميڊنسن 5، اسٽوئنز 16 ۽ ايشٽن ايگر 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڪيري 37 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 شڪار ڪيا، جڏهن ته محمد عامر، فهيم اشرف، شاداب خان ۽ عثمان شنواري جي حصي ۾ هڪ-هڪ وڪيٽ آئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے