24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيب وزيراعظم جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اڳوڻي  پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ نيب لاهور گرفتار ڪري ورتو آهي. وزيراعظم جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي نيب ۾ پيش ٿيڻ لاءِ 11 ڀيرا گهرايو ويو  پر رڳو چار ڀيرا پيش ٿيو. فواد حسن فواد نيب ۾ پيش ٿيڻ لاءِ  پهتو ته کيس  سوالنامو ڏنو ويو. فواد حسن فواد سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ۽ نيب آفيسرن کي مطمئن نه ڪري سگهيو جنهن بعد کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. فواد حسن فواد نواز شريف جو تمام گهڻو ويجهو ساٿي آهي ۽ نهايت طاقتور آفيسر سمجهو ويندو آهي. ڊي جي نيب لاهور فواد حسن فواد جي گرفتاريءَ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف  اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد خلاف الزامن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن. ترجمان موجب فواد حسن فواد آشيانه اقبال هائوسنگ اسڪيم جو ٺيڪ من پسند ماڻهن کي ڏئي مجموعي طور ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچايو آهي. نيب ترجمان موجب فواد حسن فواد 9 سي اين جي اسٽيشنز جي به منظوري ڏني آهي. نيب جو چوڻ آهي ته فواد حسن فواد سرڪاري اجازت کانسواءِ خانگي بئنڪ ۾ غير قانوني طور تي سيپٽمبر 2005 کان جولاءِ 2006 تائين نوڪري ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے