25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ يار محمد رند کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف بلوچستان جي صدر يار محمد رند کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته سندس نااهلي خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ پي ٽي آءِ بلوچستان جي صدر جي نااهلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. يار محمد رند جي اهليت کي سندس مخالف اميدوار  تاج محمد رئيساڻي چئلينج ڪيو هو. يار محمد رند جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته يار محمد رند پاڻ کي ماسٽر جي ڊگري هولڊر ظاهر ڪيو آهي،  ايم اي جي ڊگري ڄاڻي ٻجهي ظاهر نه ڪئي آهي، منهنجي اصيل ڊگري لڪائي کان بدديانتي ظاهر نه ڪئي آهي.  وڪيل چيو ته يار محمد رند موجوده ڪاغذن ۾ ايف اي جي ڊگري ظاهر ڪئي آهي، منهنجي اصيل پاڻ کي ڄاڻي ٻجهي ايف اي ظاهر ڪيو.  يار محمد رند جي وڪيل چيو ته منهنجي اصيل جي ايف آءِ آر تي ضمانت ٿي چڪي آهي جيڪا گڏ لڳائي وئي آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جنهن اينگل سان به ڏسجي ڪٿي نه ڪٿي تي بدديانتي آهي، سپريم ڪورٽ يار محمد رند کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ پي ٽي آءِ بلوچستان جي صدر جي نااهلي خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي. عدالت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ جي اميدوار کي چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف الرحمان جي  ويئر هائوس مان 20 قيمتي گاڏيون هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽمز انٽيليجنس روايت ويجهو مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سينيٽر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے