21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي ۾ دير جي ڪا به ضرورت ناهي: عمران خان

 Reserve the decision on the Imran Khan nomination form on the given objectionsڪراچي ( ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف چيئرمين عمران چيو آهي ته پنهنجي مخالف کي ڪمزور نه سمجهڻ گهرجي، سنڌ جا ڪارڪنن روڊن تي نڪرو ۽ ريليون ڪڍو ته جئين ماڻهن کي توهان جي طاقت جو اندازو ٿئي. ڪراچي جي ٻن ڏينهن جي دوري کانپوءِ اسلام آباد واپسي جي موقعي تي عمران خان چيو ته ڪرڪيٽ جي زبان ۾ چيو ويندو آهي ته جيستائين آخري بال نه ٿئي تيستائين اميد هوندي، هن چيو ته امپائر صرف هڪ ئي آهي ۽ اهو الله آهي، پاڪستان جو عوام تبديلي چاهي ٿو ، 30 سالن کان ٻنهني جماعتن، پنجاب ۾ 40 ارب جا ترقياتي ڪم صرف اشتهارن ۾ نظر آيا، اشتهارن ۾ عوام کي ٻڌايو ويو ته لاهو پئرس بڻجي ويو آهي، پر جڏهن برسات ٿي ۽ پوءِ سڀ بي نقاب ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڪڏهن به ملڪ ۾ اهڙي بيروزگاري نه هئي ۽ رپيو ائين نه ڪريو هو ، اڄ بنگلاديش اسان اڳتي نڪري چڪو آهي. ايشيائي دنيا جو غريب ترين علائقو آهي ۽ اسان ان کان به پوئتي رهجي ويا آهيون. هن چيو ته منهنجو ايمان آهي ته هڪ ڊگهي ۽ اونداهي واري رات ٿيڻ واري آهي. اقتدار ۾ اچڻ لاءِ ڪراچي کان اليڪشن وڙهڻ جي ضرورت نه هئي ڇو ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ اسان جي جيڪا پوزيشن آهي ان مان وفاقي حڪومت ٺاهي سگهون پيا پر ڪراچي جي بغير پاڪستان عظيم نٿو بڻجي سگهي.ڪراچي کان اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ان ڪريو ڪيو آهي ته ڪراچي جيستائين مٿي نه ايندو تيستائين تبديلي نه ايندي. اسان وٽ ڪراچي کي ساڻ کڻڻ جو پلان آهي، منصوبابندي ڪري رهيا آهيو ن ته ڪراچي ۾ ڪچري مان بجلي تيار ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پيلز پارٽي ۽ (ن) ليگ 6 ، 6 ڀيرا حڪومت ڪري به پوليس صحيح نه ڪري سگهيا، رينجرز ۽ فوج کان پوليس جو ڪم نٿو وٺي سگهجي، هنن پوليس پوليس فورس تباهه ڪئي. هن الزام لڳايو ته شهباز شهريف پوليس جي ذريعي ماڻهون مارائيندو رهيو. ماڊل ٽائون ۾ پوليس جي ذريعي قتل ڪرايا. ائين دنيا ۾ ڪٿي به نه ٿيندو آهي. رائو انوار 440 بيگناهه ماڻهو قتل ڪيا. ٻئي طرف ايسوسي ايش آف بلڊرز اينڊ ڊيولپرز آپاڪستان(آباد) ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي انقلاب آڻڻ لاءِ هائوسنگ ضروري اهي، روزگار ڏيڻ لاءِءَ گهر ٺاهڻ لاءِ انفرا اسٽرڪچر ناهي، اسان کي منسٽري آف هائوسنگ ٺاهڻي پوندي ۽ ان جي مدد لاءِ 2 ٻيون منسٽريون ٺاهڻيون پونديون. هن چيو ته جنهن طرح حڪومت هلندي آئي آهي ته اسان کي ان کي مٽائڻو پوندو، ايندڙ حڪومت کي تبديل ٿيڻو پوندو. اسان کي ان بحران مان نڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي بدلڻو پوندو. اسان کي بينڪنگ سيڪٽر کي به تبديل ڪرڻو پوندو جڏهن ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اهم قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ ريفرنس  جي فيصلي ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي، سموري قوم فيصلي جي منتظر آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف آسمان تان نه لٿو آهي جو هن لاءِ الڳ قانون هجي.عمران خان چيو ته پهريون ڪوڙ ڳالهايو ويو ۽ پوءِ وقت ضايع ڪيو ويو، تنهن ڪري فيصلي ۾ دير جا ڪابه ضرورت ناهي، قوم فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے